واضح ناهي ته مستقبل ۾ حڪومت ڪنهن جي هوندي: ٽرمپ

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن کانپوءِ پهريون ڀيرو اشارو ڏنو آهي ته اهو واضح ناهي آمريڪا ۾ مستقبل ۾ حڪومت ڪنهن جي هوندي.

وائيٽ هائوس ۾ ڪورونا وائرس تي هڪ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جي حڪومت ڪڏهن به لاڪ ڊائون جي حمايت نه ڪندي پر مستقبل جي حوالي سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي ته حڪومت ڪنهن جي هوندي.

واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊن ۾ شڪست قبولڻ کان انڪار ڪندي ڌانڌلي جا الزام هنيا آهن پر ان سلسلي ۾ هو شاهديون سامهون آڻڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.