سون جي مُلهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي مُلهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن به واڌ رڪارڊ ٿي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 450 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 12 هزار 650 رپيا ٿي وئي آهي.

10 گرام سون جي قيمت ۾ 387 رپيا واڌ ٿي آهي ۽ اهو 96 هزار 580 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 12 ڊالر واڌ سان 1890 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.