فاروق ستار به ڪورونا وائرس کان نه بچي سگهيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان فاروق ستا به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو اڳواڻ فاروق ستار ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ قرنطينه ۾ هليو ويو آهي ۽ هن عوام کي دعائن جي درخواست ڪئي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کانپوءِ اهم شخصيتون به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪيون آهن.

ڪورونا وائرس سبب پ پ ايم پي اي ڄام مدد علي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس وقار احمد سيٺ لاڏاڻو پڻ ڪري ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.