ڪراچي: انٽرنيشنل لائرز فورم پاران ڏياري جي موقعي تي راما پير مندر ۾ تقريب

انٽرنيشنل لائرز فورم پاران ڏياري جي موقعي تي ڪراچيءَ جي راما پير مندر ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ ايڊوڪيٽ خواجه جمشيد سميت وڪيلن، سول سوسائٽي جي نمائندن، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ درگا ماتا کي گلن جا ھار پارائي پوڄا پاٽ ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ھندو اڳواڻ لعل جي پٽيل چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مذھبي ڏھاڙا ملھائڻ جي آزادي آھي پر ڀارت ۾ اقليتن سان ظلم ٿي رهيو آھي، انتھا پسند مودي حڪومت مسلمانن سميت ٻين کي قيد رکيو ويٺي آھي

تقريب جي آرگنائيزر آئي ايل ايف اڳواڻ ايڊووڪيٽ ناصر احمد چيو پاڪستان ۾ ھندو، سک، پارسين سميت ھر مذهب جا ماڻهو پنھنجا مذھبي ڏھاڙا آزاديءَ سان ملھائي رھيا آهن. پر ڪشمير دنيا جو واحد خطو آھي جٿي مذھبي ڏھاڙا ملھائڻ تي پابندي آھي.

تقريب جي آخر ۾ ٻارڙن کي تحفا ڏنا ويا ۽ ڌرتيءَ لاء دعائون پڻ گهريون ويون. جڏھن ته ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا به  هنيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.