ڪورونا وبا: سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملي کي ڪم ڪرڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي هدايتن جي روشني ۾ وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب سرڪاري آفيسن ۾ حاضري 50 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اين سي او سي جي فيصلي تحت پاليسي فريم ورڪ جاري ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جوائنٽ سيڪريٽريز روٽيشن جي بنياد تي آفيس ۾ حاضري شيڊيول ٺاهين، لاڳاپيل آفيسر گهر ويهي آفيشل ڪم ڪن ۽ پنهنجي ورڪنگ اسٽيشن بنا ٻڌائي نه ڇڏين.

ڪابينا ڊويزن جي هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته جوائنٽ سيڪريٽري پنهنجي ماتحت 50 سيڪڙو عملي جي روٽيشن جي بنياد تي آفيس حاضري يقيني بڻائين، سمورا آفيسر ايڊمن ونگ جي مشاورت سان اسٽاف جو ڊيوٽي روسٽر ٺاهين.

پڌرائيءَ موجب ڊيوٽي تي موجود آفيسرن ۽ ملازمن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ ملازم بنا دير پنهنجي آفيسر کي آگاهه ڪن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسن ۾ ڪم اي فائلنگ ذريعي ڪيو وڃي، فائل جي هينڊ ٽو هيڊ چرُپر کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.