غوثپور: پوليس پاران گهرن کي باهه ڏئي ساڙڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

غوثپور جي ڪچي واري علائقي مان جنگڻ پوليس ٿاڻي جي حد ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن پاران نينگري سميت ٽن ڄڻن جي اغوا جي الزام ۾ پوليس ڳوٺ گل بيگ جاگيراڻي جي 5 گهرن  ۽ اوطاق کي باه ڏيئي ساڙيو ڇڏيو ، متاثرن پاران ڪنڌڪوٽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،  ان موقعي گل بيگ جاگيراڻي ۽ ٻين  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اصلي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ناڪام ٿي وئي آهي ،  بيگناھ سندن  4  گهر ن ۽  اوطاق کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي، هنن الزام هنيو ته  ڪنڌڪوٽ  دراني مھر ٿاڻي جي ايس ايڇ او انهن  جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، انهن کان رشوت طلب ڪري ٿو

هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي معاملي جو نوٽيس وٺي انهن کي انصاف ڏياري .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.