ريتي :ڳوٺاڻن پاران مينھن جا چور گرفتار نه ٿيڻ تي ريتي پوليس خلاف احتجاج

ريتي لڳ ڳوٺ خان محمد چاچڙ جي ڳوٺاڻن پاران مينھن جا چور گرفتار نه ٿيڻ تي ريتي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو ، احتجاج ڪندڙن ۾  نورحسن ڪوش ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينھن جوابدار ثناءُاللّٰه، عبدالواحد، ۽ ٻيلو ڪوش  سندس گھر ۾گھڙي مينھن چوري ڪري وڃي رھيا ھئا ته هو  سڄاڳ ٿي پيو ۽ مزاحمت ڪئي جنهن تي جوابدارن کيس لٺيون ھڻي زخمي ڪيو ۽ سندس مينھن ڪاھي ھليا ويا، هن اھڙي واقعي جو رپورٽ ريتي ٿاڻي تي ڄاڻايل  جوابدارن خلاف ڏني ، پوليس جوابدارن کي گرفتار  ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي،

ھوڏانھن ايس ايڇ او ٻڌايو ته فريادي نور حسن ڪوش جي فرياد تي ھڪ جوابدار ثناءُالله ڪوش کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِڇاپا هنيا وڄن پيا.جوابدار جلد گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪيا ويندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.