گهوٽڪي لڳ ڳوٺ مان ڀاڳئي جون 3 ٻڪريون چوريون، پوليس ستل

گهوٽڪي ( ڊ ر )  گهوٽڪي جي شهر عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني کي ٻنجو نه اچي سگهيو رات دير سان نامعلوم چور ڳوٺ گل محمد مهر مان صحبت مهر جون 3 ٻڪريون چوري ڪري ويا خبر موجب   جڏهن ته ذ ريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڳوٺ ڌاماجي ڀرسان ڳوٺاڻن پاران چوري جي ارادي سان بيٺل چورن کي سوگهو ڪرڻ بعد کين ڇڏي ڏنو هو جنهن جو اطلاع ڳوٺاڻن پاران ايس ايڇ او عادلپور نثارعالم ابڙو کي پڻ ڏنو هو پرايس ايڇ او جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪرڻ سبب عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني تمام گهڻي وڌي آھي.  رهواسين ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آھي ته بدامني جو نوٽيس وٺي علائقي جو امن امان بحال ڪرايو وڃي ته جيئن عوام سک جو ساھ کڻي سگهي .

مٺياڻي ويجهو مشوري برادري جي گڏجاڻي، چڱي مڙس جو خطاب

مٺياڻي(ن ع آ) مٺياڻي لڳ ڳوٺ نياز علي مشوري ۾ مشوري  برادري جي گڏجاڻي پنجاب سميت سموري سنڌ جي مشوري برادري جي معززين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڳوٺ جي نيڪ مرد انور علي مشوري کي برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ت اسان جو ھي پروگرام مشوري برادري کي گڏ ۽ متحد ڪرڻ لاء نڪتا آھيون برادري ۾ سڀ ھڪجھڙا آھيون اسان برادري جا خادم بڻجي خدمت ڪنداسين مونکي برادري جي پڳ خاندان طرفان مليل آھي ۽ اسان ستن پيڙھين کان سردار آھيون پڳ کي جيڪي اشو بڻائي رھيا آھن اھي برادري جا سڄڻ ن آھن ۽ برادري سچن ۽ ڪوڙن جي پرک رکي ٿي ڪنھن جي ذاتي  خواھش تي کيس اڳواڻ ن ٿو بڻائي سگھجي اھا برادري جي مرضي آھي ت اھا جنھن کي اڳوڻ چونڊي اسان جا درگاه جي گادي نشين پير شفيع محمد شاه سان ڪي ب اختلاف ناهن.

رتيديري ۾ جوڻيجا اتحاد ۽ اهلسنت جي خاڪن خلاف ريلي

رتوديرو(ن ع آ) رتيديري ۾ گستاخانا خاڪن خلاف جوڻيجا اتحاد ۽ جماعت اهل سنت رتوديرو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري فرانس جي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين شهر جي مک روڊن رستن تان ٿيندا رتوديرو پريس ڪلب پهتا جتي صحافين سان ڳالهائيندي امام بخش جوڻيجو ، محمد اشرف سيفي ، عبدالحليم ٻرڙو ، فدا حسين جوڻيجو ، صفدر حيسن جوڻيجو ، حاجي معشوق جوڻيجو ، لالا عمران جوڻيجو ، راشد جوڻيجو ، عنايت جوڻيجو ، ۽ ٻين چيو ته فرانس جي حڪومت پاران رسول ڪائنات جي شان ۾ جيڪا گستاخي ڪئي وئي آهي ان جي جيتري به مذمت ڪجي اها گھٽ آهي هنن چيو ته پاڪستان حڪومت کي گھرجي ته اها فرانس سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري سفير کي ملڪ نيڪالي ڏئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.