ڏهرڪي ۾ عورت جو مڙس خلاف احتجاج

ڏهرڪي (ن ع آ ) ڏهرڪي ۾ عورت جو مڙس خلاف احتجاج، مڙس مٿان قيد ڪرڻ جا الزام ۔ ڪوڙا الزام آھن مان ته ٽرڪ تي ڊرائيوري ڪري پيٽ جو سفر گذر ڪندو آھيان ۔مڙس ،خبر موجب ڏهرڪي جي عظيم ڪالوني جي رهواسڻ ثمينه ڊومڪي مڙس خلاف احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو آھي ته منهنجي مڙس گل محمد ڊومڪي مون کي قيد ڪري رکيو هيو هاڻي وجهه وٺي نڪتي آھيان مونسان انصاف ٿيڻ گهرجي ،هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي گل محمد ڊومڪي ٻڌايو ته گهر واري جا الزام ڪوڙا آھن ،مان هن وقت ڪراچي ۾ آھيان مان ٽرڪ تي ڊرائيوري ڪندو آھيان ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آھي ته مون غريب مٿان ايڏو ڪوڙو الزام ڇو پيو لڳايو وڃي.  ٽمينه جي سس مسمات حاجاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ثمينه پنهنجي ڏيرياڻي سان گهران ڪاوڙجي نڪري ويئي آھي منهنجو پٽ گل محمد ڪراچي ۾ آھي مان پاڪ ڪتاب کڻي قسم کڻڻ لاء تيار آھيان ته ثمينه پٽ مٿان ڪوڙا الزام لڳائي رهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.