مٽياري ۾ شوڪت سمون جي قاتلن خلاف احتجاج

مٽياري (ت ر)مٽياري لڳ ڳوٺ صاحب سمان جي سمان برادري پاران عمر ڪوٽ ۾ مارجي ويل شوڪت علي سمون جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي سمان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو ته مرڪز جي حڪم تي سنڌ جي ھر ضلعي ۾ عمر ڪوٽ ۾ بيگناھگ شھيد ٿيندڙ شوڪت سمؤن جي قاتلن جي گرفتارئ لاء پر امن ريليون، جلسا ۽ پريس ڪانفرنسون ٿينديون جن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آء جي سنڌ، چيف منسٽر سنڌ کان مطالبو ڪيو ويندو تہ شھيد جي قاتلن کي ھڪدم گرفتار ڪري ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. محمد خان سمون سمان ويلفيئر جي مرڪزي اڳواڻ جي قيادت ۾ شعيب سمون، ابو صوفيان سمون، محب اللہ سمون، اويس سمون مجن سمون ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ صاحب سمان ڳوٺ وارن مٽياري پريس ڪلپ تي پھچي احتجاج رڪاڊ ڪرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.