مٽياري ۾ ٻوڏ متاثرن جو سرڪاري مدد نه ٿيڻ خلاف احتجاج

مٽياري (ت ر) مٽياري پريس ڪلب آڏو ڪچي جي ٻوڏ متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڳوٺ علينواز کوسو ۽ صادق کوسو جي رهواسين سنجر کوسو، رزاق کوسو، ماڪن کوسو، ڀورو کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حاليه ٻوڏ ۾ اسان جا گهر ٻڏي ويا آهن ڪچي مان اڃا تائين پاڻي نه لٿو آهي جنهن سبب ٻن مهينن کان کلي آسمان هيٺ بند تي ويٺل آهيون هنن چيو ته اسان جا 100 کان وڌيڪ گهر آهن جيڪي پاڻي هيٺ آيل آهن ضلعي انتظاميا پاران انهن جو وزٽ به ڪيو ويو هو ۽ امداد به منظور ٿي هئي پر کيبراڻي جي حد جو تپيدار غلام نبي اسان کي سامان نٿو ڏي نه ئي ضلعي انتظاميا اسان کي رهڻ لاءِ اجھو ٿي ڏئي اسان جا ٻچڙا دربدر ٿي ويا آهن هنن روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان کان مطالبو ڪيو ته اهڙي ڪرپٽ تپيدار کي فوري هٽائي ضلعي حڪومت کان رهڻ لاءِ اجهي جو بندوبست ڪري ڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.