جونگل لڳ بندوق ڇٽي وئي، نينگر ٿڏي تي فوت، نينگري زخمي

جونگل (ن ع آ) جونگل جي ڳوٺ دريا خان پهوڙ ۾ ٻارڙن کان راند کيڏندي بندوق ڇٽي وئي مٿي ۾ فائر لڳڻ ڪري 9 ساله نينگر ٿڏي تي فوت 10 ساله نينگري شديد زخمي اسپتال منتقل پوليس پهتي چاچ  فوتي جي گهرڀاتين ۾ روڄ رپورٽ موجب جونگل بي سيڪشن ڳوٺ ڌريا خان پهوڙ ۾ ٻارڙا گهر اندر راند کيڏي رهيا هئا ڪارتوس سان ڀريل ٻارڙن هٿان ڇٽي وئي جنهن نتيجي ۾ عبدالحميد پهوڙ جو 9 ساله نينگر امتياز علي پهوڙ مٿي ۾ فائر لڳڻ ڪري ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ساڻس گڏ بيٺل 10ساله نينگري رشيدان ڌي عبدالخالق ڊول کي ٻانهن ۾ ڇريا لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي پئي کين نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن اهڙي واقع بعد فوتي جي گهرڀاتين ۾ روڄ پئجي ويو هوڏانهن بي سيڪشن پوليس ٿڏي تي پهتي ان حوالي سان اي ايس آءِ علي گل چولياڻي صحافين کي ٻڌايو ته واقعو حادثو لڳي ٿو وڌيڪ جاچ ڪريون پيا جيڪا حقيقت هوندي سامهون آڻينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.