ڊگهڙي ۾ پ پ جو اجلاس، يوم تاسيس جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو فيصلو

ڊگهڙي(ن ع آ )پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقه ڊگهڙي جو اجلاس رئيس زنو خان نوحاڻي جي  صدارت هيٺ ڊگهڙي ۾ پارٽي آفيس تي ٿي گذريو اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي يوم تاسيس ملتان جلسي ۾ پي ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپور جي اڳواڻي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪئي ويندي ان لاء اڄ کان ئي ڪارڪن تياريون شروع ڪري ڇڏن،گڏجاڻي ۾ پي پي تعلقه ڊگهڙي جي يونين ڪائونسل جي صدر،جنرل سيڪريٽري،انفارميشن سيڪريٽري , ڪارڪنن ۽ ورڪرن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

نوابشاهه شيعه علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻ جو وڏو ڀاءُ محمد قاسم چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو

نوابشاهه(ڊ ر) شيعه علماءِ ڪائونسل شهيد بينظير آباد ڊويزن جو صدر زوار محمد حسينچانڊيو جو وڏو ڀاءُ محمد قاسم چانڊيو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ سبب 70 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو مرحوم جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ حاجي نواب چانڊيو ۾ ادا ڪئي وئي .

راڌڻ لڳ اسڪول ۾ جشن ميلاد ملهايو ويو، انعام تقسيم

راڌڻ ( ن ع آ ) سيھڙ اسٽيشن تي سيف پاران قائم خان ڪولاچي مڊل ۽ هاءِ اسڪول ۾ حضور اڪرم پياري محمد صلم جو ميلاد ملهايو ويو ، جنهن ۾ عاطف ڪانڌڙو ،آڪاش جوڻيجو، سورٺ ،رحمت الله جوڻيجو نعت مقبول پڙهي  انعام حاصل ڪيا  ڪياٻئي طرف ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي اقصا ڪولاچي، فاطما سرگاڻي، صاديا چانديو تقرير ڪري واھ  واھ  ڪري ڇڏي تقريب کي هيڊ ماستر سجاد جوڻيجو استاد بهادر ڪولاچي فاروق سرگاڻي محبت ڪانڌڙو اسد سرگاڻي  چيو ت اسين نبي سائين جي چيل حديث تي زندگي گذاريو ته ڪڏهن  فساد جهگڙا نه ٿيندا پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياريو تعليم انسان جي ٽي اک آهي

شيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي صدر جو چاچو لاڏاڻو ڪري ويو

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ)شيخ ڀرڪيوشيخ ڀرڪيو پريس ڪلب جي صدر ايڊووڪيٽ  عباس علي ٿهيم جو چاچو محمدو ٿهيم جو رضا الاهي سان هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ٿي ويو آھي جنهنجي جنازه نماز  درگاه شاه عنايت ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.