ڀٽ شاهه ۾ 21 مان 8 اسڪول بند ، سهولتون اڻلڀ، تعليم متاثر

ڀٽ شاهه(رپورٽ:ارشاد علي ٻگھيو)تعليم کاتي ضلعي مٽياري جي ماتحت يونين ڪائونسل ڀٽ شاھه ۾ ڪل 21 اسڪول ھلندڙ آھن، جڏھن ته ڄاڻايل اسڪولن ۾ استادن جو ڪل انگ 200 جڏھن ته شاگردن جو انگ  سون کان وڌيڪ آھي. 21 ڳوٺن ۾ ڳوٺ سليم راهو، ڳوٺ ڪامل سانڌ، ڳوٺ سلامت ڪيريو، ڳوٺ مرزو شاهاڻي، ڳوٺ ننگررند، ڳوٺ شفيع پرهياڙ، ڳوٺ گل سهتو، ڳوٺ خدابخش سيٺار، ڳوٺ الهڏنو چنڊ، ڳوٺ يار محمد کوسو، ڳوٺ ڇٽو ملوکاڻي ۽ ڳوٺ قيصر خان کوسو سميت مختلف ڳوٺن ۾ قائم 21 سرڪاري پرائمري اسڪول گذريل ڪيترن ئي سالن کان بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته 8 ڳوٺن جا اسڪول مڪمل طور تي بند پيل آهن، جڏھن ته ڳوٺ سليم راهو ڳوٺ ڳوٺ گل سهتا ڳوٺ  سميت 21 اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ سون کان وڌيڪ ھئڻ باوجود صرف ھڪ هڪ  استاد مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته 21 اسڪول جي هزارن شاگردن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت به ڪونهي سمورن اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ادارن پاران واش روم جي سهولت به نه ڏني وئي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان اسڪول بند ٻار بنيادي تعليم کان محروم تعليمي سڌارن جون داوائون ڪوڙيون آهن.

اوڏيري لال وليج ۾ شاگردن جو ماسترن جي کوٽ خلاف احتجاج

اڏيرولال (ن ع آ) يوسي اوڏيرولال وليج جي وڏي آبادي واري ڳوٺ غلام شاهه مري جنھن جي آبادي لڳ ڀڳ ٽي هزارن تي مشتمل آھي.  ڳوٺ جي پرائمري بوائز اسڪول ۾ هن وقت 550 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ھيڊ ماستر کانسواءِ صرف چار استاد مقرر ٿيل آھن جيڪي ٻارن کي تعليم ڏئي رھيا آھن، اسڪول جي شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته 550 شاگردن کي صرف چار استاد تعليم نه ٿا ڏئي سگهن. هنن چيو ته استادن جو تعداد گهٽ هجڻ سبب سندن تعليم داءُ تي لڳي چڪي آهي. اسڪول ۾ استادن جي کوٽ خلاف اسڪول جي شاگردن احتجاج ڪندي چيو اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد وڌيڪ آھي جنھن لاءِ چار استاد ناڪافي آھن، شاگردن احتجاج ڪندي چيو ته اسانڇ. شاگردن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني، تعليم واري سيڪريٽري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور استادن جي کوٽ کي پورو ڪري سندن مستقبل کي بچايو وڃي.

شادي پلي ۾ گرلز پرائمري اسڪول سهولتن کان محروم

شادي پلي( ن ع آ ) شادي پلي جي گورنمينٽ گرلز مين پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن کان  وانجهيل آھي ۔ اسڪول  جي بلڊنگ گذريل  برساتن ۾ مڪمل تباه  ٿي وئي آهي ۔ ان کانسواء استادن ۽ فرنيچر جي پڻ سخت کوٽ  آھي ۔ اسڪول ۾ داخل 180 شاگردياڻين کي هن مهل 4 ٽيچرز تعليم جي زيور سان سنواري رهيون آھن ۔ جڏهن ته اسڪول جي چاديواري به گذريل برساتن دوران دٻجي هيٺ ٿي ويئي آهي ۽ اسڪول جو فرش به هنڌان هنڌان اکڙي ويو آھي ۔ جنهنڪري معصوم شاگردياڻيون راند ڪندي ٿڙي زخمي ٿي پون ٿيون ۔ جڏهن ته لاڪ ڊائون سبب اسڪول بند هجڻ دوران اسڪول ڏانهن ايندڙ بجلي جي مين تار پڻ نامعلوم ماڻھو چوري ڪري ويا آهن ۔ جنهنڪري اسڪول ۾ بجلي جي سهولت پڻ موجود ڪونهي ۔ جڏهن ته بجلي نه هجڻ ڪري پيئن جي پاڻي جي فراهمي به ڪافي عرصي کان معطل آھي ۔ اسڪول ۾ گذريل وڏي عرصي کان پٽيوالي جي مقرري نه ٿي سگهي آهي سڄاڻ ڌرين اعله اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جا ڄاڻايل سمورا مسئلا فوري طور حل ڪري معصوم شاگردياڻين جي تعليم تباه ٿيڻ کان بچائي وڃي ۔

بدين ۾ اسڪول کي درجو ملڻ  باوجود  عمارت  نه ملي

بدين ( رپورٽ: رازق ڏنو کوسو  )  ھاءِ اسڪول ايگرويل ڪالوني مسئلن جي گھيري ھيٺ سھولتن جو فقدان سبب شاگرد ۽ استاد  پريشان   اسڪول کي 2012 ۾مڊل کان ھاءِ اسڪول جو درجو مليو پر نو سال کان وٺي ھي تعيلمي درسگاھ  بلڊنگ کان به محروم بڻيل آھي، فرنيچر جي کوٽ سبب ھاءِ اسڪول جا شاگرد پرائمري پڙھندڙ ٻارن وارين ڊيسڪن تي ويھي تعيلم وٺڻ تي مجبور آھن عوامي آواز پاران جڏھن اسڪول تي پھچي اندر ڏٺو ته انتھائي صورتحال خراب نظر آئي ٻار فرنيچر جي کوٽ سبب ٽٽل بينچن تي ويھي تعيلم وٺي رھيا ھئا، فرش مڪمل طور ٽٽل حالت ۾  واش روم اندر به انتھائي صورتحال خراب نظر آئي اسڪول اندر گرائونڊ ڪچو مٽي  ھجڻ سبب شاگردن ۽ استاد پريشان آهن،  اسڪول جي ھيڊ ماستر وقار احمد جوڻيجو  چيو ته اسڪول بدين شھر جي وچ آبادي جو ھي ھاءِ اسڪول انتھائي خراب حالت ۾ ھلي رھيو آھي چيف جسٽس ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج نوٽيس وٺن،

جهرڪ لڳ اسڪول جي عمارت جانورن جو واڙو بڻيل، تعليم متاثر

جهرڪ(رپورٽ لکاڏنو جهرڪائي) سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائيندن توڙي تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب هائير سيڪنڊري  اسڪول جهرڪ جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي، 47 سال گذرڻ باوجود اسڪول جي چوديواري نه ملي سگھي، اسڪول جانورن جي رهائش جو مرڪز بڻيل، لاڳاپيل عملدارن کي بار بار درخواستون ڏيڻ باوجود ڪنھن ڌيان نه ڏنو، سوين شاگرد سھولتن کان محروم بڻيل. گورنمينٽ هائير سيڪندري اسڪول جهرڪ ۾ جديد ۽ ترقي يافتہ دور ۾ بہ بنيادي جو فقدان آھي، جنھن سبب اسڪول جي حالت رحم جوڳي ٿي وئي آهي، 1973ع ۾ قائم ڪيل اسڪول ۾ 47 سال ٿي ويا آھن پر اڃان تائين اسڪول کي چوديواري نه ملي سگهي آھي، جنهن ڪري پڙھائي کانپوءِ اسڪول مختلف جانورن جي آماجگاھ بڻجي ويو آھي. جڏھن تہ 10 سال اڳ اسڪول جي لائبرري جو ڪم شروع ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪم اڃان تائين رولڙي جو شڪار بڻيل آھي. جڏھن تہ ٺيڪيدار صرف بنياد ڀرائي غائب ٿي ويو. اسڪول انتظاميہ توڙي رھواسين سهولتن جي کوٽ بابت لاڳاپيل عملدارن کي بار بار درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير بہ ان طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نہ آهي. ان سلسلي ۾ اسڪول جي استادن الطاف احمد ملاح، عبدالمجيد سمون، غلام محمد جماري. آيت الله سمون ۽ ٻين روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي اعليٰ انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي تہ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جهرڪ ۾ سهولتون مهيا ڪيون وڃن تہ جيئن بهتر تعليم فراهم ڪري سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.