اوٻاوڙي ويجهو هٿياربند ڳوٺاڻي کان 40 هزار ڦري ويا

اوٻاوڙو (ن ع آ)  اوٻاوڙي لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد  ۾ پيٽرول پمپ تي رات جو ٽن اڻڃاتل هٿياربندن جي چڙھائي ھٿيارن جي زور تي چاليھ هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا. تفصيل موجب.  اوٻاوڙي لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد وارث پل وٽ علي گوهر خان مزاري جي پيٽرول پمپ تي چڙھائي ڪري ٽن موٽر سائيڪل سوار  نامعلوم هٿياربندن  هٿيارن جي زور تي چاليھ ھزار روپيه روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي کنڀڙا پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي جنھن سبب ھٿيار بند آساني سان ڦر ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي ڏوهارين خلاف وٺ پڪڙ، 6 ڄڻا گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، شراب ۽ چوري ٿيل مينهون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي  ۾ ڪالهه وليد پوليس آريجا روڊ تان جوابدار ساجد ڪلهوڙو کي پسٽل ۽ گولين سميت، رتوديرو پوليس چيڪنگ دوران ٻن جوابدار حيدر عرف نديم ۽ جهانگير چنو کي شراب جي 40 بوتلن سميت، سيهڙ پوليس ٻن اشتهاري جوابدارن عمران کيڙو ۽ وزير لاشاري کي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس چيڪنگ دوران روپوش جوابدار نياز ڀٽو کي، ڪيٽي ممتاز پوليس ڪچي مان چوري ٿيل 20 مينهون ۽ وليد پوليس چوري ٿيل مينهن هٿ ڪري اصل مالڪن غلام حيدر موهل ۽ الطاف ڪلهوڙو حوالي ڪري ڇڏيون آهن.

ميرپورخاص ۾ جسٽس وقار سيٺ جي لاڏاڻي تي عدالتي ڪارواين جوبائيڪاٽ

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ڪورونا وگھي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌ بار ڪائونسل جي هدايتن تي  ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن پاران ميرپورخاص ۾ به عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويوڍ

منهڙو لڳ ٻن موٽر سائڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا زخمي

منھڙو ( ن ع آ ) منھڙو ڀرسان ٽالھي اسٽاپ وٽ مورو ٻانڌي روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ 3 ڄڻا رفيق صابقي، محمد حنيف  صابقي، عبدالستار جتوئي سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال رورل ھيلٿ سينٽر سونھري فارم پھچايو ويو سونھري فارم اسپتال ۾ کين فسٽ ايڊ ڏني وئي زخمي ٿيل ٽن ڄڻن مان ٻن ڄڻن کي جن ۾ حنيف صابقي عبدالستار جتوئي جي طبيعت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.