سکر ۾ حددخلين خلاف آپريشن، اڏاوتون پٽ، پٿراءُ، گرفتاريون

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم بعد آبپاشي کاتي پاران پوليس جي مدد سان سکر جي بئراج ڪالوني ۾ غيرقانوني اڏاوتن ۽ قبضن خلاف ڪاروائي ڪندي ڪيترائي گهر ۽ غيرقانوني انڪروچمينٽ هٽائي ڇڏي، جڏهن ته آپريشن دوران بئراج ڪالوني جي رهواسين پاران مذاحمت ڪندي آبپاشي کاتي جي گاڏين ۽ پوليس مٿان پٿراءُ ڪري ڏنو جنهن دوران پوليس پٿراءُ ڪندڙن کي گرفتار ڪري آپريشن شروع ڪري ڏنو جنهن بعد هيوي مشينري ذريعي بئراج ڪالوني جي ڪيترن ئي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. جڏهن ته سڀاڻي وڌيڪ آپريشن جاري رهندو. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران آبپاشي کاتي جي واهن ۽ ڪالونين مٿان قبضن خلاف داخل پٽيشنن ۾ سمورن قبضا ۽ حد دخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ واهن تان قبضا ختم ڪرايا ويا هئا، پر ڪالونين ۽ ٻين جڳهن تي قبضا موجود هئا، جنهن تي عدالت سڳوري ڪجھ ڏينهن اڳ آبپاشي کاتي جي سمورن آفيسرن کي سخت حڪم جاري ڪندي هڪ هفتي اندر سمورا قبضا ختم ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي، عدالتي حڪم بعد آبپاشي کاتي پاران پوليس جي مدد سان سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

چوهڙجمالي ۾حد دخلين خلاف آپريشن، ڇپرا ڊاهي پٽ

چوهڙ جمالي ( ن ع آ ) چوهڙ جمالي ۾ ناجائز حددخلين خلاف آپريشن ڇاپرا هٽائي دڪانن جون ڌڪيون ٽوڙيون ويون , چوهڙ جمالي ۾ اي سي شاهبندر محمد عمران مختيارڪار شاهبندر يعقوب ڪنڀر انڪروچمينٽ  انسپيڪٽر جهانزيب ميمڻ ٽائون عملي جي ارسلان ميمڻ مولوي منظور احمد قادري ايس ايچ او چوهڙ جمالي حامد اوٺو پوليس اٽالا ساڻ ڪري شھر ۾ ناجائز حددخلين خلاف آپريشن ڪيو دڪانن جا ڇاپرا ۽ وڌيل ڌڪيون ڊاهي پٽ ڪيون ويون عملي پاران شھر جي مک بازار چوهڙ جمالي شاھ يقيق روڊ ۽ مين اسٽاپ چوهڙ سجاول روڊ تان ناجائز اڏاوتون هٽرايون ويون ۽ ريڙھا ۽ پڙيون پڻ هٽايون ويون دڪاندارن کي وارننگ ڏني ويئي ته انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري 15000 هزار روپيه ڏنڊ ورتو ويندو ان موقعي تي اي سي شاهبندر محمد عمران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ناجائز اڏاوتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ڪنهن به زبردستي ناجائز طريقي سان اڏاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف ايف آئي آر ڪٽرائي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ان کانپوء اي سي شاهبندر سميت سمرري ٽيم ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ 7 جو وزٽ ڪري صفائي جو جائزو ورتو ۽ گٽرن نالين مٿان قبضا ڪري اڏاوتون ڪندڙن خلاف مختيارڪار شاهبندر کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو ۽ ٻن ڏينهن اندر قبضا هٽائڻ جو چتاءۡ پڻ ڏنو

لاڙڪاڻي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، اڏاوتون پٽ، متاثرن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر احمد  علي سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جي عملي ۽ پوليس هيوي مشينري سان گڏجي شهر جي مراد واهڻ ۾ حددخلين خلاف ڪاروائيون ڪندي ڪيترن ئي دڪانن اڳيان قائم ڪيل اڏاوتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. اهڙي عمل خلاف دڪاندارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هوٽل مالڪ عالم خان جتوئي، راحب خان جتوئي، رفيق جتوئي ۽ ٻين چيو ته اسين سالن کان وٺي مراد واهڻ روڊ تي هوٽل سميت ٻيا دڪان کولي ڪاروباري ڪري رهيا آهيون اڄ اوچتي ضلعي انتظاميه اينٽي انڪروچمينٽ عملي ۽ پوليس اهلڪارن سان گڏجي اسان جي هوٽل ۽ دڪانن اڳيان قائم ڪيل 5 کان 10 فوٽن جي اڏاوتن کي غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان اسان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيندو. هنن مطالبو ڪيو ته حددخلين خلاف جاري ڪاروائين کي روڪي پهريان نوٽيس جاري ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ٺل ۾ حددخلين خلاف آپريشن، چڪريون، 2 گرفتار

ٺل(ن ع آ) ٺل ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾  قبضن خلاف آپريشن 50 کان وڌيڪ دڪان ۽ هوٽل ڊاهي پٽ۔ آپريشن دوران پوليس ۽ دڪاندارن وچ ۾ چڪريون۔ٻه ڄڻا گرفتار ۽ آزاد۔آپريشن دوران لکين روپيئن جو نقصان۔ معاوضو ڏيڻ جو مطالبو خبر موجب ٺل ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پراڻي بس اڏي تي قبضو ڪري ٺاهيل دڪانن خلاف ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد آغا غضنفر علي قادري ۽ مختيارڪار ٺل ديدار ڪنراڻي پوليس پارٽي ساڻ ڪري وڏو آپريشن ڪيو ڪرين مشين وسيلي دڪان مسمار ڪرڻ دوران پوليس ۽ دڪاندارن وچ ۾ چڪريون ٿيون جنهن بعد پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو بااثر جي مداخلت بعد گرفتار ٿيل دڪاندارن کي آزاد ڪيو ويو جڏهن آپريشن دوران 50 کان وڌيڪ دڪان ۽ هوٽل ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو بنا اطلاع جي دڪان ڊاهڻ تان دڪاندارن جو لکين روپئن جو نقصان ٿيو آهي ان دوران ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد آغا غضنفر علي قادري صحافين کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪاروائي ڪئي آهي بس اڏي تي جيڪا به دڪان آهن انهن کي مسمار ڪيو ويندو جيڪو به قانون ۾ رنڊڪ وجهندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي هوڏانهن دڪاندارن چيو ته ڊي سي بنا اطلاع جي اسان جا دڪان ڊاهي پٽ ڪيا جنهن دوران اسان جو لکين روپيئن جو نقصان ٿيو آهي اسان هاڻي بيروزگار ٿيا آهيون هنن گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري معاضو ادا ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.