عوام کي حقن لاءِ گهڻ پاسائين جنگ وڙهڻ جي ضرورت آهي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي چيو ته عوام کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻي پاسائي جنگ وڙھڻ جي  ضرورت آھي سنڌ جو ھاري  مزدور استاد، شاگرد نوجوان عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نه ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نه ملندي. اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ سنڌ دشمن منصوبن خلاف رڪ جي ديوار آهي سنڌ جي وحدت تي ڪڏهن به وار بردداشت نه ڪندي ھي ٻيٽ انھن اصلوڪن سنڌ جي ماڻهن جا آهن تنهن ڪري اھي مٿان لھي ڪون آيا آهن اھي سنڌ جو حصو آھن تنھن جي ڪري انهن ٻيٽن جي خلاف سازش بردداشت نه ڪئي ويندي وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ ويٺل نمائندن کي سنڌ جي وحدت، ناڻي، روزگار، صوبائيخودمختياري ۽ پاڻي جي ورڇ تي چٽو موقف اختيار ڪرڻو پوندو اياز لطيف پليجي چيو ته نوجوان تيزي سان قومي عوامي تحريڪ سان جڙي رھيا آھن، ھڪ وڏي تبديلي جي لھر اٿي رھي آھي. اسين چاھيون ٿا ته ايوانن ۾ سنڌ جو حقيقي عوام چونڊجي اچي جيڪو ھن ڦرلٽ جو نظام بند ڪري سگھي ۽ عوام کي پنھنجا لٽيل حق واپس موٽائي سگھي.اياز  لطيف پليجي چيو آھي ته ماڻھن کي خيرات نه حق ڏنا وڃن، روزگار جا وسيلا ڇو پيدا نٿا ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.