ميان صاحب ۾ مبينا قتل ناري وارو واقعو آپگهات قرار

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ  ڏيئا ۾ اٽڪل 18 ڏينهن اڳ 15 ورهين جي ناري نيلم ڏيئو کي سندس والد گلبهار ڏيئو پاران ڪارنهن الزام ۾ مبينا قتل ڪرڻ واري ڪيس جي مامري جي آر پي او سکر پاران انڪوائري مڪمل ڪندي رپورٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي تہ ناري نيلم ڏيئو کي والد گلبهار ڏيئو قتل نہ ڪيو هو پر هن آپگهات ڪيو هو  آر پي او سکر پاران ناري جي وارثن ذوالفقار ڏيئو جي درخواست تي ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو هو جنهن پنج  ڏينهن اڳ ڳوٺ ڏيئا پهچي مبينا قتل ڄاڻايل ناري نيلم جي وارثن ، پاڙيوارن ۽ جهان واهہ پوليس کان بيان ورتا هئا پوليس عملدارن موجب جاچ آفيسر عبدالقدوس ڪلوڙ پاران جاري ڪيل جاچ رپورٽ ۾ ناري نيلم ڏيئو جي والد گلبهار ڏيئو مٿان جهان واهہ ٿاڻي تي سرڪار پاران داخل ڪيل قتل جو ڪيس ڪوڙو قرار ڏيندي ڪيس کي ختم ڪرڻ جو لکيو ويو آهي ۽ ناري نيلم پاران آپگهات قرار ڏنو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.