چيف جسٽس وقار سيٺ پشاور ويجهو مٽي ماءُ حوالي، وڪيلن جو سوڳ

پشاور ( م ڊ ) ڪورونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويل پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي. جنازي نماز ڪرنل  شير خان اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن، ڪور ڪمانڊر پشاور، آءِ جي ڪي پي ثناءُ الله عباسي، اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، ميان افتخار حسين، هاءِڪورٽ جي ججز ۽ وڪيلن سميت زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  ڪورونا ايس او پيز تحت جنازي نماز پڙهائي وئي ۽ شريف ماڻهن وچ ۾ 3 فوٽ فاصلو يقيني بڻايو ويو. جنازي نماز بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس قيصر رشيد چيو ته چيف جسٽس وقار سيٺ جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن، هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، جنهن جي خلاف کي پورو نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اپيل تي چيف جسٽس وقار سيٺ جي لاڏاڻي تي وڪيلن پاران سوڳ ملهايو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.