ڄام مدد جو لاڏاڻو،سنڌ ڪابينا جو اڄوڪو اجلاس ملتوي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اڄ رٿيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ روينيو آفيسرن  کي جڊيشل مئجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ، ٻوڏ متاثرن جي امداد، سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل بابت قانونسازي  سميت 19 نقاطي ايجنڊا شامل هئي، ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پ پ ايم پي اي ۽ سنيئير سياستدان ڄام مدد علي جي وفات جي ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي. ، سنڌ ڪابينا جي سيڪشن آفيسر ڪابينا جي اڄ 11 وڳي رٿيل اجلاس ايندڙ حڪم تائين ملتوي ڪرڻ جو ليٽر به جاري ڪري ڇڏيو آهي،

گولاڙچي ۾رولو ۽ ڇتن ڪتن  7ٻارڙن کي ڏاڙهي رتو رت ڪري ڇڏيو

گولاڙچي (  ن ع آ ) گولاڙچي ۾رولو ڪتن جو آزار  وڌي ويو، رولو ۽ ڇتن ڪتن هڪ ڏينهنن اندر 7 ٻارن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو،  جن کي تعلقه اسپتال آندو ويو، جتي ويڪسين ڪئي وئي.

ڪوهاٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جو ڪارڻ کدڙو چاهت قرار،  ضلعي بدر

ڪوهاٽ ( م ڊ) ڪوهاٽ ۾ ٽي ڏينهن اڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جو سبب خواجا سرا چاهت کي قرار ڏيندي کيس ضلعي بدر ڪيو ويو  آهي. ان سلسلي ۾ ڪي پي جي صوبائي صلاحڪارضياءُ الله بنگش چيو آهي ته ڪوهاٽ ۾ بن ڌرين ۾ جهيڙي جو ڪارڻ خواجا سرا چاهت آهي. هن چيو ته واقعي کان پوءِ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو نڪري آيا جن خواجا سرا چاهت کي نيڪالي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي. هوڏانهن ڊي سي چيو ته کدڙن تي بندش ناهي لڳائي، جاچ مان کدڙن جو ڏوهه ثابت ٿيو ته نيڪالي جو فيصلو ڪيو ويندو. هوڏانهن ٽرانسجينڊر اڳواڻ فرزانا چيو آهي ته کدڙن جا قتل ڇو پيا ٿين. هن چيو ته  ضياءَ بنگش، ڊي سي ۽ ڊي پي او کي خواجا سرا جي ضلعي بدري جو ڪنهن حق ڏنو آهي. هن چيو ته چاهت کي نه آندو ويو ته ضياءُ بنگش خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. 03

شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر تي حملي خلاف ريلي، ڌرڻو

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ ھٿياربندن جي وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيل  ڊگري ڪاليج جي پرفيسر  ۽ سپلا اڳواڻ عبدالجبار جوڻيجو  واقعي توڙي ڊگري ڪاليج جي پلاٽ کي روينيو کاتي پاران داخلا نه رکڻ خلاف شھري جدوجهد ڪاميٽي جي سڏ تي  شھر جي مختلف مڪتب  فڪر جي ھزارين ماڻهن پريس ڪلب کان ميرمظفر مينگل،ميرامجد ميرجت،ميرغيبي مغيري،سپلا ريجن سکر جي صدر سيداصغر شاهه،ناھيدکھاوڙ پروفيسر غلام سرور قريشي ۽ پرنسپال احسان الله جمالي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جنهن سبب سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي ،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  پروفيسر عبدالجبار تي لينڊمافيا پاران ڪيل بي رحماڻي تشدد پوري سنڌ کي ڏکايو آهي جنهن جو لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، ھنن چيو ته اھو حملو ھڪ استاد تي نه پر پوري سنڌ جي ضمير تي حملو ٿيو آهي جنهن ڪري انصاف جي حاصلات تائين چپ ڪري نه ويھبو، ھوڏانھن  ٽن ڪلاڪن تائين جاري رھندڙ ڌرڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شھدادڪوٽ  سجاد حيدر قادري پھچي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته ڪاليج جي پلاٽ جي داخلا وارو معاملو  قانوني طريقي سان حل ڪري رھيا آھيون جنهن جون گھربل ضرورتون پوريون ڪرڻ بعد  18  نومبر تائين پلاٽ جي داخلا رکي پلاٽ ڪاليج حوالي ڪيو ويندو، ھوڏانھن وارھ مان چونڊيل پپلز پارٽي جي ايم پي اي برھان چانڊيو شھدادڪوٽ پھچي تشدد جو شڪار ٿيل پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو سان ھمدردي جو اظھار ڪري ھر ممڪن جي مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن شھدادڪوٽ  جي ايم پي اي مير نادر مگسي ڪاليج جي پلاٽ کي چوديواري نه ڏياري ته مان ۽ منھنجو ڀاءءُ نواب سردار خان چانڊيو ڪاليج کي چوديواري ڏيارينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.