ملڪ ۾ ڪورونا جا حملا جاري، مسلسل ٻئي ڏينهن رڪارڊ ڪيس ۽ فوتگيون

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جا حملا جاري آهن ۽ لاڳيتو ٻئي ڏينهن رڪارڊ ڪيس ۽ فوتگيون سامهون آيون آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 هزار 304 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ وبا سان متاثرن جو گڏيل انگ 3 لک 52 هزار 296 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 23 هزار 641 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 37 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 7 هزار 92 تي پهچي ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر جاري ڪندڙ ويب سائيٽ covid.gov.pk ٻڌايو هو ته ملڪ ۾ 108 ڏينهن کانپوءِ هڪ ڏينهن دوران رڪارڊ 34 فوتگيون، جڏهن ته 23 جولاءِ کانپوءِ هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 1808 ڪيس سامهون آيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.