سڪرنڊ : استادن پاران جبري بدلين خلاف ٽِي اِي او آفيس آڏو مظاهرو

جبري بدلين خلاف سڪرنڊ پاران استادن جو ٽِي اِي او  آفيس اڳيان استاد منور عمراڻي ، استاد ذوالفقار جتوئي ، استاد يعقوب چانڊيو ، استاد عبدالصمد گبول ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو ويو . ان موقعي تي هنن جو چوڻ ھو ته استاد رفيق احمد مگسي ، استاد منور عمراڻي ، استاد خاوند بخش زرداريءَ جون جبري ۽ انتقامي طور بدليون ڪيون ويون آهن ، ان کان اڳ به استاد نجف شاه ، استاد جاويد ۽ ٻين 22 استادن جون جبري بدليون ڪيون ويون آهن ، جنهنڪري ڪيترائي اسڪول بند ٿي ويا آهن . هنن چيو ته جيڪي به بدليون ڪيون ويون آهن STR جي کلم کلا خلاف ورزي آهي ، احتجاجي مظاهري ۾ استاد احسان جمالي ، استاد عبد الحليم ڪيريو ، عندالناصر مغل  ۽ ٻين استادن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.