سنڌ سڀا جو”پنڌلانگ مارچ” قافلو چوٿين ڏينهن گهاري پهتو

سنڌ ۽ بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي آزادي لاء انعام سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي ڏانهن لاءِ نڪتل سنڌ سڀا جو”پنڌلانگ مارچ” قافلو  چوٿين ڏينهن گهاري پهتو .پريس ڪلب اڳيان انعام سنڌي .آسي رزاق. مختياربيگم. شازيه چانڊيو.هاني بلوچ.علي رضاڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان جبري گمشدگيون ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف آهن .رياست جي ذميواري آهي ته پنهنجي ملڪ جي هر شهريءَ جي جان،  مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري پر سالن کان گم ٿيل ماڻهن بابت رياست مڪمل خاموش آهي .،ان موقعي تي هنن چتاءُ ڏنو  ته انهن جي جدوجهد سنڌ مان کنڀيل آخري ماڻهو جي آزادي تائين جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.