ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب لاهور جي هڪ ٻي اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر بند

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ سبب ميو اسپتال کانپوءِ سروسز اسپتال جي ٽن شعبن ۾ به آپريشن جي سهولت بند ڪئي وئي آهي.

سروسز انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (سمز) جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر محمد امجد طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب سروسز اسپتال ۾ جنرل سرجري، گائناڪالوجي ۽ آرٿوپيڊڪ ڊپارٽمينٽ ۾ مريضن جا آپريشن 22 نومبر تائين بند ڪيا ويا آهن.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سروسز اسپتال ۾ ايمرجنسي ۽ ڪينسر جي مريضن جا آپريشن معمول موجب جاري رهندا.

واضح رهي ته ان کان اڳ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ميو اسپتال لاهور ۾ به روٽين آپريشن بند ڪيا ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.