ڪوٽڙي ۾ هرطرف گندگي جا ڍير لڳي ويا، انتظاميا گم

ڪوٽڙي (ت ر) ميونسپل ڪوٽڙي ۽ ٻولهاڙي جا اڪثر علائقا گندگي جي ور چڙهي ويا مين لياقت روڊ تي گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو اسڪولي شاگردن شاگردياڻين توڙي عام شهرين کي اچ وڃ ۾ ڏکيايون پيش اچن ٿيون، جڏهن ته اڪثر علائقا اسٽيٽس روڊ، بارجا چوڪ، دريا آباد ڪالوني، سبحان الله ڪالوني، شيرازي پاڙو،  مين روڊ، خدا جي بستي، ڀٽائي ڪالوني، بروهي چوڪ، ٻٻر اسٽاپ، مسڪين ڪالوني ۽ خورشيد ڪالوني سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گندگي جا ڍير پيل آهن، جڏهن ته گٽرن جو اٿليل گندو پاڻي بيٺل جنهن سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آهي.ٻئي طرف ميونسپل ۾ مقرر ٿيل ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او سميت اڪثر عملو غائب شهر جي گندگي واري حالت تي ايڊمنسٽريٽر سان رابطي جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي پر نه ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.