موري جي ڪلهوڙا هائوس ۾ جشن ميلاد تقريب، نعت خواني

مورو (ن ع آ ) مورو شھر جي معزز شخصيت ڊي ايچ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلهوڙو، حاجي ارشد علي ڪلهوڙو، عاقب ڪلهوڙو، جج نويد احمد ڪلھوڙو، ڊاڪٽر نجيب الرحمان ڪلهوڙو، ڊاڪٽر نادر ڪلهوڙو، انيس ڪلهوڙو، ڊاڪٽر سرفراز ڪلهوڙو، شاهجهان ڪلهوڙو ۽ ٻين پاران پنهنجي مرحوم پوئیرن کي ايثال ثواب پھچائڻ لاءِ ڪلهوڙا ھاوس مورو ۾ "جشن عيد ميلاد النبي ﷺ” جي عنوان سان نعت خواني جي محفل منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي مشهور نعت خوانن شرڪت ڪئي. ناليوارن نعت خوانن حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم آقاءِ مدينه سردار انبياءَ جي ثناء خواني ۽ نعت خواني ڪري عاشقان رسول کي وجد ۾ آڻي جهومائي ڇڏيو انهي موقعي تي خصوصي خطاب ڪندي نعت خوانن چيو تہ حضور پاڪ جی ميلاد ملھائڻ سان دلي سڪون ملي ٿو ء اسان کي گهرجي ته الله ۽ ان جي رسول جي حڪمن جي پوئيواري ڪندي انسانيت ۽ غريب ماڻهن جي خدمت ڪيون.

هالاڻي جي مسجد ۾ جشن ميلاد تقريب، ڳوٺاڻن جي شرڪت

ھالاڻي (ن ع آ) ھالاڻي ۾ نئين شاندار مسجد جامع مسجد اقصي  جي تعمير مڪمل ٿي جنهن جو افتتاح مشورين واري سائين منظور احمد ڪرڻ فرمايو مسجد ۾ جشن عيدالميلادالنبي  صه رکيو ويو جنهن ۾ خصوصي خطاب مشورين واري سائين  منظور احمد ڪيو ۽ سنڌ جي مشھور مقرر عبدالرب سنڌي ۽ مولانا منور چانگ پڻ خطاب ڪيو مسجد جي افتتاحي جلسي ۾ ھالاڻي ۽ ٻين آس پاس جي ڳوٺن جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. جلسي ۾ نعت خوانن قاري مھتاب علي ۽ فقير بچل پنهنجي خوبصورت انداز  ۾ نعتون پيش ڪيون جلسي جي آخر ۾ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاء خصوصي دعائون گهريون ويون ۽ ننگر پڻ ھلايو  ويو.

لاڙڪاڻي جي ڪاليج ۾ عشق رسول ڪانفرنس، نعت خواني جا مقابلا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج طرفان ڪاليج جي آڊيٽوريم هال ۾ عشقِ رسول ڪانفرنس ڊائريڪٽر ريجنل ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر ڪرم حسين وڌو جي صدارت هيٺ ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ شاگردن قرات ۽ نعت خواني جا مقابلا ڪرايا ويا جتي قرآت جي مقابلي ۾ عنايت الله ٽڳڙ پهرين، عبدالواسع قريشي ٻين ۽ عبدالجبار چانڊيو ٽين پوزيشن حاصل ڪئينعت خواني ۾ محمد جواد پهرين، محمد يوسف ٻين ۽ خليل الرحمٰن جمالي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.سيرتِ نبوي جي موضوع تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ تقريرن جي مقابلي ۾ سائينداد کهاوڙ پهرين، محمد اسلم شيخ ٻين ۽ براق سيد ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. جن کي ڊائريڪٽر ريجنل ڪاليجز لاڙڪاڻو پروفيسر ڪرم حسين ۽ ٻين طرفان شيلڊون ۽ ڪتاب تحفي طور ڏنا ويا. مقابلن دوران پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد شاد، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو، پروفيسر حافظ محمد شبير سومرو، حافظ عبدالستار ڪوريجو ۽ نامياري ليکڪ محمد ايوب گاد لطيفي پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. عشقِ رسول ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڪرم حسين وڌو چيو ته اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ کي الله تعاليٰ رحمت العالمين ڪري موڪليو، الله جو محبوب رڳو ٻن جهانن جو سردار نه پر سمورن جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيو آهي. هن چيو ته الله پاڪ نبين جي سردار جي سيني کي ڪشادو ڪيو، اسان جي نبي کي محمد نالو الله طرفان ڏنل نالو آهي جنهن جي معنيٰ ئي ساراهيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.