لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جا قاتل آزاد، وارثن کي داٻا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ويجهو ڪنگا ٿاڻي جي حد بسم الله ڪالوني ۾ مبينا طور سڱاوتي معاملي تان قتل ٿيل 17 سالن جي نوجوان جنسار شابراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ مقتول نوجوان جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. احتجاج ڪندي مقتول نوجوان جي امڙ ساجده شابراڻي بيهوش ٿي پئي جنهن کي وارثن پاڻي هڻي هوش ۾ آندو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي پيءُ رانوت، چاچي سهراب، عبدالحميد، مامي شاهنواز، غلام حيدر، امڙ ساجده شابراڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته گذريل 2 نومبر جي ڏينهن منهنجي نوجوان پٽ جنسار علي شابراڻي کي جمالي برادري جي لال جمالي، علي جان جمالي، ڌڻي بخش جمالي، عبدالرزاق جمالي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد کيس تشدد جو نشانو بڻائي لاش ڳوٺ جي پاڻي واري کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو جنهن واقعي جو ڪيس منهنجي فرياد تي گذريل رات ڄاڻايل جوابدارن مٿان حد جي ڪنگا ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر پوليس هن وقت تائين هڪ جوابدار علي جان جمالي کي گرفتار ڪري سگهي آهي. جڏهن ته ٻيا جوابدار آزاد گهمي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.