گهوڙاٻاري لڳ پوليو ٽيم سان مذاق، مهم جو به بائيڪاٽ

گھوڙاٻاري(ن ع آ )  ويجهو يوسي محل جي ڳوٺ حاجي جت ۾ پوليو ٽيم سان بيهوده مذاق !تفصيل موجب اڄ جڏھن پوليو ٽيم مذڪوره ڳوٺ پهتي ته ڳوٺاڻن پوليو ٽيم کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان روڪيو ۽ پوليو جا فڙا ٻارڙن کي پيارڻ کان انڪار ڪيو ۽ اڃان پوليو ٽيم ڳوٺ جي ٻاهران موجود هئي ته هڪ ڇوڪرو عورتاڻان ڪپڙا پائي ۽ هنج ۾ رٻڙ جي گڏي گنديء ۾ ويڙھي کڻي آيو ۽ جڏھن پوليو ٽيم اڳيان وڌي ان ٻارڙي کي فڙا پيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هنن کي اهو ناٽڪ صاف نظر آيو ۽ انهن انهيء ڇوڪري جا فوٽو پڻ ڪڍي ورتا ۽ انهيء غلط حرڪت کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي حرڪتون ڪري پوليو جا فڙا پيارڻ کان انڪار ۽ پوليو ٽيم کي تنگ ڪيو وڃي ٿو.۽ پوليو ٽيم کي ڪتا بڇايا وڃن ٿا !هن پوسٽ ۾ ھڪ تصوير آڱرين تي  هٿرادو مس جا نشان واري به رکجي ٿي جنهن ۾ ڳوٺاڻان ٽيم کي بيوقوف بنائي رهيا آھن ته جيئن هو مس جو نشان ڏيکاري ٽيم کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ته سندن ٻار ٻاهران فڙا پي آيا آھن !اڄ جنهن ڇوڪري ٽيم سان عورتاڻي انداز سان ناٽڪ ڪيو ان جي حقيقي تصوير به هن خبر ۾ رکي ويئي آھي!حاصل مطلب ته مذڪوره ڳوٺ جا ماڻھو ڳچ عرصي کان پوليو عملي کي بليڪ ميل ڪري پوليو جا فڙا پيارڻ کان انڪار ڪندا رهيا آھن !ڇا پوليو جي ضلعي انتظاميه وٽ ڪي خاص انتظام آھن جو پوليو عملو بغير ڪنهن بليڪ ميل ۽ تڪليف جي پنهنجا فرائض بهتر نموني ادا ڪري سگهي !

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.