پيرونمل ويجهو ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ

پيرونمل(رپورٽ مرتضيٰ لغاري)پيرونمل ويجهو چوٽياريون حد ڳوٺ پير بخش راهو ۾ غريب پورهيت جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باه  وڪوڙي ويئي، الھ تلھ رک پورهيت کلي آسمان هيٺ ويٺل،واهر جي اپيل. خبر موجب پيرونمل ويجهو چوٽياريون جي حد ڳوٺ پير بخش راهو ۾ غريب پورهيت محمد انور ڪنڍاڻي ۽ غلام رسول ڪنڍاڻي جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باهه وڪوڙي ويئي،جنهن سبب گهر ۾ پيل اناج،ڪپڙا ۽ ٻيو گهر جو سامان سڙي رک جو ڍير بنجي ويو،اطلاع تي ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ۽ فائر برگيڊ کي اطلاع ڏنو جڏھن ته فائربرگيڊ جي گاڏي ڪافي دير سان پهتي جيڪا پڻ رستي ۾ ڦاسي ويئي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باه تي ضابطو آندو، پورهيت کلي آسمان هيٺ ويٺل ڪنهن مسيحا جا منتظر آھن،جن واهر جي اپيل ڪئي آھي.جڏھن ته باه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.