ڏوڪري لڳ نينگر تارن ۾ وچڙي فوت

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪري لڳ ڪچي جي ڳوٺ چڪرو ۾ يارهن ورهين جو معصوم نينگر بجلي جي تارن ۾ وچڙي سڙي فوت ٿي ويو، ان  ڏس ۾ ڳوٺ چڪرو جو 11 ورهين جو معصوم نينگر ريازت علي پٽ نبي بخش گاڏهي ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي تي ويٺل هو ته اچانڪ نينگر بجليءَ جي تارن سان وچڙي سڙي فوت ٿي ويو  فوتي نينگر جي مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ضروري ڪارروائي ڪرڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن معصوم نينگر جو مڙهه ڳوٺ چڪرو گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.