گئس جي سھولت کان محروم فيضگنج جا واسي

امر شر

بنيادي سھولتون ھر ان شھري جو حق آھي جيڪو ٽيڪس ادا ڪري ٿو ۽ اھي بنيادي سھولتون ڏيڻ ان سرڪار نامدار جي اھم زميوارين ۾ شامل آھي جيڪي عام خلق کان ووٽ وٺڻ مھل انھن سھولتن ڏيڻ جا وڏا وڏا واعدا ڪندا آھن !سنڌ جي سمورن شھرن جو حال بدقسمتي سان ڏاڍو بدتر آھي بنيادي سھولتن جي  فقدان سبب عام خلق آزار ۽ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي ـ

فيضگنج جو عام ماڻھو به بنيادي سھولتون نه ھجڻ سبب ڪافي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيو آھي پئڻ جي پاڻي جو اشو ھجي يا پبلڪ لائييبري وارو سوال ھجي نادرا دفتر جي سھولت ھجي يا رورل ھيلٿ سينٽر کي اپ گريڊ ڪرڻ وارو اھم مسلو ھجي انھن مان ڪوبه مسئلو حل ٿيندي نظر نٿو اچي ـ

انھن سڀني مسئلن مان سڀ کان اھم مسئيلو فيضگنج ۾ گيس جي سھولت نه ھجڻ آھي توڙي جو فيضگنج تعلقو ان خيرپور ضلعي جو آبادي ۽ ايراضي ۾ سڀ کان وڏو تعلقو آھي جنھن خيرپور ۾ وڏيون گيس فيلڊيون موجود آھن بدقسمتي سان گيس جي مک پائپ لائن فيضگنج مان گذرندي سنڌ جي وڏن شھرن سميت پنجاب کي گيس ڏئي ٿي پر تعلقو فيض گنج اھڙي سھولت کان وانجھيل آھي !!

اچرج جي ڳالهھ ته ھتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ چند ڀوتارن وٽ ته گيس جي سھولت موجود آھي پر تعلقي جي چار لک اھا آبادي جيڪا انھن کي ووٽ ڪري اسيمبلي تائين پھچائي ٿي سا ان سھولت کان محروم آھي ـگيس جي سھولت لا ھتان جا شھري وقت بوقت احتجاج مظاھرا ته ڪندا رھن ٿا پر فيضگنج جي تاريخ ۾ گيس جي سھولت لا ٽي مھينا بک ھڙتال ڪري  سڀ کان وڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر انھن ٽن مھينن ۾ شھرين وٽ ڪوبه چونڊيل عيوضي يا ڀوتار پير مير به پير ڀري اچڻ جي تڪليف به نه ڪري سگھيو ھو ـ تعلقي جي اھم شھرن پڪاچانگ ڪرونڊي  اڪري ڀنگوبھڻ جلاجي محمد شاھ ڪوث لعلو سميت وڏن ڳوٺن ۾ گيس نه ھجڻ ڪري عورتون ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آھن ڪاٺين جي دونھين سبب ڪيتريون ئي عورتون اکين ۽ ساھ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪيون آھن ـ گڏوگڏ تعلقي مان لکين مڻ ڪاٺ ڪٽجڻ سبب ماحولياتي گدلاڻ پڻ وڌي رھي آھي !

فيضگنج تعلقي واسين سان گيس ڏيڻ جا واعدا ته سوين سياستدانن ڪيا پر افسوس ته ڪنھن جو به واعدو ھيل تائين وفا ٿي نه سگھيو ـ اھي ڪوڙا واعدا ڪندڙن ۾ اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاھ ھجي يا سندس نياڻي سيد نفيسا شاھ ھجي اوور سيز پاڪستانينن جو وزير رھندڙ ھن تڪ جو ايم اين اي پير صدر الدين شاھ راشدي ھجي يا ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ ھجي ھر ڀيري گيس جي واعدي تي ووٽ وٺندڙ پير فضل علي شاھ ھجي اڄ تائين ڪنھن به فيضگنج کي گيس ڏيارڻ جي ڳالهھ ناھي ڪئي ـ توڙي جو ڪيترن سالن کان ايم پي اي رھندڙ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ   اھا دعوا ته ڪري ٿو ته ان فيضگنج جي گيس جي قرارداد پاس ڪرائي آھي پر فيضگنج جو عوام ان ڪري به ان ڪوڙ تي اعتبار ڪرڻ لا تيار ناھي ته انھن ماڻھن سان سڀ کان وڏو گيس جو واعدو پ پ ڪو چئيرمين آصف علي زرداري ۽ ھاڻوڪو وڏو وزير مراد علي شاھ به ان وقت ڪيو جڏھن ھو فيضگنج جي تنظيمي دوري تي آيا ھيا پر افسوس انھن ٻنھي جو واعدو ٻين جيان خالي ڏٽو ثابت ٿيو !

فيضگنج واسين کي ھن وقت ايم پي اي جي مضبوط اميدوار شيراز شوڪت راڄپر ۾ تمام گھڻي اميد آھي ته شايد اھو گيس وارو مسلو حل ڪرائي ڇاڪاڻ ته شيراز شوڪت ھڪ نوجوان قيادت ھجڻ سان گڏ  فريال ٽالپر ۽ آصف علي زرداري جي تمام گھڻو ويجھو سمجھيو وڃي ٿو ان ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ھن ڀيري فيضگنج مان اھو ئي اميدوار ڪامياب ٿي سگھندو جيڪو فيضگنج کي گيس جي سھولت ڏيندو !ڇاڪاڻ ته ايندڙ اليڪشن ۾ فيضگنج جو باشعور عوام ڀوتارن کي به اھڙو جواب ڏيڻ جي موڊ ۾ آھي جھڙا اھي سالن کان ڪوڙا واعدا ڪري رھياآھن ـ ان ڪري ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته فيضگنج جي لکين ماڻھن جي تڪليف جو خيال ڪندي کين گيس جي سھولت ڏني وڃي جيڪو انھن جو بنيادي حق به آھي !!!!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.