ستٽيهـ ارب ڊالر : پنج سال ايڪسپورٽ ٽارگيٽ جي پورائي لاءَ ضروري اپاءَ ورتا وڃن

سدا حيات جلباڻي

معيشت جو دارو مدار (بي خوف) سيڙپڪاري تي ٿئي  ٿو. ناڻو ٽاهڙ ڍور جيان آهي. نوڙ وجھڻ جي ڪوشش ٿي تـ رسو ڇنائي ڀڄي ويندو. مختلف وقتن تي ڪاروباري طبقي جا   نمائندا وزيراعظم ۽  چيف صاحب سان ملاقاتون ڪري ساڻن ڏک سور اوريندا رهندا آهن. ملڪ جي وڏي اداري جي سربراهـ واپارين کي يقين ڏياريو آهي تـ سندن مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو. ٿيل ملاقات ۾ وزيرِاعظ جي ناڻي واري مشيرڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ناڻي بابت مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر جي چيئرمين سميت ڪجهھ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي هئي. ان مان هن معاملي تي حڪومت جي سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي.  پر اها برادري ڏاڍي ڊنل آهي. رڳو واعدن تي وڏي رسڪ نـ کڻي سگھندي.  نئين سيڙپڪاري تڏهن ٿي سگھندي، جڏهن ملڪ ۾ خوف ۽ حراس  وارو ماحول نـ هجي. پر سر زمين تي حال اهو آهي تـ  نيب جي عمل ( ڪاروباري طبقي کي نوٽيسز جاري ڪرڻ ۽ ڪٿي ڪٿي سندن آفيسن تي ڇاپن هڻڻ) خوف وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سرڪار ۽ واپارين وچ ۾ تعلقات جو احوال شيخ اياز جي هن شعر وانگر آهي.

تون تـ چئين ٿو، من بـ مڃي، ويندا هي ڦٽ ڇٽي.

واپاري طبقو پنهنجي مسئلن جي ترت حل جو طلبگار آهي. واپارين سرڪاري ڌر کي آگاهـ ڪري ڇڏيو آهي تـ ملڪ ۾  آٽو سيڪٽر وڏي بحران جي ور چڙهيل آهي. نيون  گاڏيون نـ ٿيون وڪامن. گاڏين  جي  پيدا وار ۽ وڪريءَ ۾  پنجاهـ سيڪڙو لاٿ اچي وئي آهي. اهو مسئلو هندوستان ۾ اتان جي حڪومت لاءِ بـ مٿي جو سور بڻيل آهي. مجموي طور آٽو سيڪٽر ۾ تمام گھڻي مندي آيل آهي. پاڪستان ۾ تـ رڳو واپاري دانهون ٿا ڪن. هندوستان ۾ مخالف ڌر بـ گوڙ ڪري رهي آهي. مودي سرڪار ڏچي ۾ اچي وئي آهي. سڀ ڄاڻن ٿا تـ ڪاروبار نـ اُٿندو تـ سڄي معيشيت ويهجي ويندي. اها تـ آفاقي حقيقت آهي. هر وقت ۽ هر ماڳ لاءِ درست آهي. هر هنڌ ساڳين ڳالهين جوساڳيو اثر ٿيندوآهي: هندستان هجي يا پاڪستان يا ڪو ٻيو ملڪ. هتي تجارتي ڌر ايف بي آر پاران پنج هزار پنج سو پنجاهـ ارب روپين جي ٽيڪس وصولي جي رکيل ٽارگيٽ کان بـ ڊنل آهي. اُهي سمجھن ٿا تـ اهو ٽيڪس بـ سندن رڳون نچوڙي جمع ڪيو ويندو.

اڻويهـ سو اٺاسي ۾ قائم ٿيل پاڪستان ايسوسي ايشن آف آٽو موٽو پارٽس اينڊ ايڪسيسريز مينوفيڪچرز (پاپام) ترڪي، ٿائلينڊ ۽ چين سان ٿيل فري ٽريڊ  ايگريمينٽ (ايف ٽي اي) تي ناخوش آهي. ايسوسي ايشن جو خيال آهي تـ ايف ٽي اي تي صحيحيون ڪرڻ کان اڳ ضروروي اڀياس نـ ٿيو هو. اهو ڪاٿو نـ لڳايو ويو هو تـ جن اسمن تي اسين ٻاهرين ملڪ کي ڊيوٽي فري جي سهولت ڏيئي رهيا آهيون، ان سان انهيءَ صنعت جي ملڪي پيداوار تي ڪهڙو (منفي) اثر ٿيندو.

اسان واري خطي ۾ خوشحال ۽ آسودي ملڪ طور اڪثر دبئي جو مثال ڏنو ويندو آهي. دنيا جو اوچي ۾ اوچو ٽاور، وڏن وڏن ڪاروباري مرڪزن ۽ هٿرادو ٻيٽن هئڻ جي باوجود دبئي جي معيشيت لڏي لمي رهي آهي. اهو ملڪ هاڻي سيڙپڪارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان ملڪ جي سرڪاري انگن اکرن موجب ٻـ هزار ارڙهن ۾ ملڪيتن (پراپرٽي) جا سودا ساڍا ايڪويهـ سيڪڙو گھٽجي  پوڻن ايڪهٺ ارب ڊالرن تي ڪري پيا  آهن. گذريل ٻن سالن دوران  سير و تفريح (سياحت) لاءِ دبئي ايندڙ ماڻهن جو انگ ڏيڍ ڪروڙ تائين رڪيو  بيٺو آهي. اماراتي رياست کي ايندڙ سال  شروع  ٿيندڙ “دبئي ايڪسپو ويهـ سئو ويهـ ” نمائش ۾ وڏيون اميدون هيون پر ڪورونا وبا جي ڪري ايڪسپو ئي ناممڪن ٿي پيو آهي. اهي ڪاٿو لڳايو ويٺا هئا  تـ انهيءَ عالمي ميلي جي ڪري ايندڙ ڏهاڪن ۾ دبئي جي معيشت ۾ پنجٽيهـ ارب ڊالر جو واڌارو ٿي ويندو ۽  ٽي لک نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿي ويندا. پر موتمار وبا جي ڪري اهي صرف اميدون ۽ آسرا ئي رهيا.

ملڪ ۾ نوجوانن  لاءِ نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ابتدائي ڏينهن ۾  حڪومت پاران هڪ ڪروڙ نيون نوڪريون ڏيڻ جو دلاسو ڏنو ويو هو. اهو دلاسو تـ هاڻي خالي ڏٽو ثابت  ٿي رهيو آهي .سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ي جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين  پنڌرنهن آڪٽوبر تي صاف صاف ٻڌائي ڇڏيو آهي تـ نوجوان سرڪاري نوڪرين جو آسرو نـ ڪن. اهو وڏو يو ٽرن آهي. اڳ اڪيلو وزيرِ اعظم صاحب اهڙا  يو ٽرن وٺندو هو. هاڻي تـ وزير بـ  يو ٽرن وٺڻ لڳا آهن. ائين هر معاملي تي يو ٽرن مٿان يو ٽرن وٺبا تـ اسان جي ڳالهـ تي اعتبار ڪير ڪندو؟ اهو تـ دنيا جي بد ترين  آمر ضياءُ الحق جي بدنام  ٿيل سي ايم ايل اي (ڪينسل ماءِ لاسٽ انائونسمينٽ) جهڙو حال پيو لڳي. اعتماد وڏو اثاثو آهي. هيڪر اعتماد ختم ٿيو تـ سڀ ڪجھه ختم  ٿي ويندو. ملڪ ۾  غير ملڪي ناڻي جي ذخيرن ۽ ايڪسپورٽ  ۾ واڌارو آڻڻو آهي. هن سلسلي ۾ پهرين وک اعتماد جي بحالي آهي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، واپارين ۽ وڏي اداري سميت سڀني ڌرين کي پنهنجوڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

وفاقي حڪومت ستت ئي پنجن سالن تي ٻڌل ٽريڊ پاليسي جو اعلان ڪرڻ واري آهي. 2025ع تائين ايڪسپورٽ جو ٽارگيٽ ستٽيهـ ارب ڇٽيهـ ڪروڙ ڊالر تجويز ڪيل آهي. ايڪسپورٽ جو هاڻوڪو انگ ويهـ ارب ڊالر کان پنجويهـ ارب ڊالر جي وچ ۾ لڏي لمي رهيو آهي. ايڪسپورٽ لاءِ واڌاري جي ڪوششن ۾ ملڪ جو ڏاکڻيون ڀاڱو نظرانداز ٿيل نظر اچي ٿو. دنيا ۾ بارڊر ٽريڊ ايڪسپورٽ وڌائڻ جو هڪ اهم ذريعو سمجھيو ويندو آهي. هتي بـ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کوکرو پار ريلوي اسٽيشن وارو لنگھه ڪسٽم ڪليئرنس وغيرهـ جون جديد سهولتون ڏيئي کولڻ ايڪسپورٽ جي واڌاري ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.