ٽرمپ ٻيهر صدارتي ڊوڙ هارائيندڙ 11 هون آمريڪي صدر

واشنٽگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٻي اليڪشن ۾ هارائڻ کانپوءِ هو آمريڪي تاريخ ۾ 11هون صدر آهي جنهن کي وائيٽ هائوس ۾ هوندي عام اليڪشن م  شڪست نصيب ٿي، گيرالڊ فورڊ 1976ع ۾ ٻيهر چونڊ هارائي، 1992ع ۾ جارج ايڇ ڊبليو بش ٻيهر چونڊ ۾ شڪست کاڌي، 1888ع ۾ گرور ڪليورلينڊ پنهنجي ٻيهر اليڪشن هارائي پر چئن سالن کانپوءِ صدر بيجمن هيريسن کي هارائي ٻيهر وائيٽ هائوس پهچي ويو، 1797 ۾ جان ايڊمس ٿومس جيفرسن کان هارايو، 1828 ۾ جان ڪيونسي ايڊمس اينڊريو جيڪسن کان هارايو، 1840ع م مارٽن  وين بورين وليم هينري هيريسن کان هاريو، 1885ع ۾ گرور ڪليورلينڊ بينجمن هيريسن کان هارايو، 1892ع ۾ بينجمن هيريسن گرور ڪليورلينڊ کان هارايو، 1912ع ۾ وليم ايڇ ٽرافٽ ووڊرو ولسن کان هارايو، 1932ع ۾ هربرٽ هوور فرينڪلين روزويلٽ کان هارايو، 1980ع ۾ جمي ڪارٽر رونالڊ ريگن کان هارايو، 1992ع ۾ جارج ايڇ ڊبليو بش بل ڪلنٽن کي هارايو، 2020ع ۾ صدر ٽرمپ جو بائيڊن کان هارايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.