تحريڪ انصاف جمهوري احتجاج جو هر رستو بند ڪري ڇڏيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

 

استور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جمهوري احتجاج جو هر رستو بند ڪري ڇڏيو آهي.

استور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ماڻهن کان روزگار کسيو پيو وڃي، هيءَ حڪومت عوام سان ناانصافيون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پ پ سدائين گلگت بلتستان جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، اسان جو دور آيو ته گلگت بلتستان کي سڃاڻپ ڏني وئي، هتان جي نوجوانن کي سڄي ملڪ جي ادارن ۾ نوڪريون ڏياريون ويون، اسان جيڪي ڪم ڪيا، انهن جو اڄ تائين فائدو ٿي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پ پ اها اڪيلي جماعت آهي، جيڪا غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪري روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين غربت جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.