آمريڪي چونڊون ڪير به کٽي، ايران جي پاليسي تبديل نه ٿيندي: خامنه اي

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي روحاني پيشوا آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته آمريڪا جي صدارتي چونڊن جا نتيجا ڀلي ڪهڙا به هجن، اسان جي آمريڪا جي حوالي سان پاليسي تبديل نه ٿيندي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي سفارتخاني تي 1979 ۾ شاگردن جي قبضي جي يادگاري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

ايران جي سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ خطاب ۾ خامنه اي چيو ته اسان ڪڏهن به آمريڪا جي دٻاءَ ۾ نه اينداسين.

واضح رهي ته آمريڪي سفارتخاني تي ايراني شاگردن جي قبضي جي ياد ۾ هر سال ايران ۾ وڏي پئماني تي ريليون ڪڍيون وينديون آهن پر ڪورونا وائرس سبب هن ڀيري جلوس ۽ ٻيا پروگرام رد ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.