حڪومت پيٽرول جو لالي پاپ ڏئي ايل پي جي 10 رپيا مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين نومبر کان ايل پي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اوگرا ايل پي جيءَ جي قيمت ۾ 9.66 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي آهي.

اوگرا طرفان ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر به مهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 114 رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 11.8 ڪلو گرام گهريلو سئلينڊر جي قيمت 1530 رپيا ٿي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايل پي جي گهريلو سئلينڊر جي اگهن ۾ واڌ پهرين نومبر کان لاڳو ٿيندي.

واضح رهي ته حڪومت پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.