”امن تي يقين ٿا رکون ان ڪري اڀي نند کي آزاد ڪيو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته امن تي يقين رکون ٿا ان ڪري بنا ڪنهن مطالبي جي اڀي نند کي آزاد ڪيو.

اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ۽ پي ڊِ ايم جي جلسن ۾ سامهون آيل بيانن تي تبصرو ڪندي پنهنجي ويڊيو ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ هو ته گذريل ٻن ٽن هفتن ۾ مخالف ڌر طرفان حڪومت بدران پاڪستان جي ادارن خلاف نظريو سامهون اچي رهيو آهي.

گجرانوالا ۾ سزايافتا قيدي ميان نواز شريف ٻاهر ويهي پاڪستان جي ادارن مٿان باقاعده حملو ڪيو. ٽن چيف جسٽس پاڪستان جي فيصلن تي ميان نواز شريف تنقيد ڪئي ته هو اُهي فيصلا آزاد ئي نه هئا، نواز شريف چيو ته اُهو فيصلو بدنيتي تي ٻڌل هو.

هن چيو ته نواز شريف فوج تي به تنقيد ڪئي فوج کي نشانو بڻايو. ڪراچي ۾ انتهائي شرم جوڳا منظر ڏٺا، قائد اعظم جي مزار جو جهنگلو اورانگهي سياسي نعرا هنيا ويا. مسلم ليگ جا اڳواڻ قائد اعظم جي مزار تي تماشو ڏسندا رهيا. محمود اچڪزئي چيو ته اردو اسان جي ٻولي ئي ناهي، قومي زبان کي چيو ويو ته هي اسان جي ٻولي ئي ناهي، محمود خان اچڪزئي اردو تي وار ڪيو.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪوئيٽا ۾ اويس نوراني چيو ته آئون بلوچستان جي آزاد رياست ڏسڻ چاهيان ٿو. اويس نوراني جڏهن آزاد بلوچستان جي ڳالهه ته سمورين پارٽين مان ڪنهن ترديد نه ڪئي. ميان نواز شريف ان کان پوءِ ٻيهر رياستي ادارن تي تنقيد ڪئي، ميان نواز شريف فوج ۾ جونيئر ۽ آفيسرن ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان وٽ پنهنجو دفاع ڪرڻ جو حوصلو آهي. پاڪستان امن تي يقين رکي ٿو ۽ انهيءَ ڪري اسان پاڻ بنا ڪنهن مطالبي جي اڀي نندن کي ڇڏيو. اياز صادق چيو ته اُها ته ڌمڪي آئي هئي، 50 کان وڌيڪ ماڻهو ان ڪمري ۾ موجود هئا ڪنهن اِها ڳالهه ناهي ڪئي ۽ هڪ سال کان پوءِ هنن اهڙي ڳالهه ڪئي.

اسد عمر چيو ته مخالف ڌر جو نظريو حڪومت نه پر رياست جي خلاف آهي. مريم صفدر جي نالي تي مادر ملت جا نعرا هنيا ويا هي ڇا ٿي رهيو آهي. نه اِهو قوم برداشت ڪندي نه اسان پاڪستان ۾ شر پکيڙڻ جي ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ ڏينداسين. دشمن پهرين به ناڪام ٿيا ۽ هاڻ به ناڪام ٿيندا. پاڪستان جا ادارا پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته نريندر مودي ڄاڻي ٿو ته ڪيئن هن کي دنيا جي آڏو منهن ڀر کائڻي پئي. پاڪستان جي دشمنن جا عزم خاڪ ۾ ملائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.