ڪي اين شاهه ۾ ميونسپل جا برطرف ملازم سراپا احتجاج

خيرپورناٿن شاهه (ت ر) خيرپورناٿن شاه ميونسپل ڪميٽي جي برطرف ٿيل ملازمن جي بحالي ۽ پگهارن لاءِ 30 هين ڏينهن به ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي منير آرائين سڪندر ڪنڀر زاهد حسين ڀٽي منير آرائين عباس چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مير حسن چونڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ملازمن دانهيو ته اسان کي بنا جواز نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آھي اسان ايماندري سان ڊيوٽيون ڪيون پگهارون به کنيون سين سياسي انتقام ذريعي اسان کي نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو 10 سالن کان وٺي اسان جون پگهارون بند آھن اسان مسلسل پر امن  احتجاج ڪري رهيا آھيون ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناهي اسان جي گهرن ۾ فاقاڪشي سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن اسين پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪو چيئرمين آصف علي زرداري وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ٿا ڪريون هو نوٽيس وٺي اسان جون نوڪريون بحال ڪري رهيل پگهارون ڏياريون وڃن ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.