پاڪستان ۾ سون جو مُلهه وڌيڪ ڪِري پيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ به سون جي مُلهه ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي ۽ في تولو سون 1250 رپيا گهٽجي ويو آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 1250 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 13 هزار 250 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون جو قدر 1071 رپيا گهٽجي 97 هزار 94 رپيا ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي سونارا بازار ۾ به سون سستو ٿيو آهي، جيڪو 9 ڊالر لاٿ سان 894 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.