گستاخ خاڪن جو معاملو: حڪومت جو جامعه الازهر ۽ پوپ فرانسس سان رابطي جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري گستاخ خاڪن جي معاملي تي عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس ۽ شيخ جامعه الازهر سان رابطي جو اعلان ڪيو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي نورالحق قادري چيو ته گستاخ خاڪا شايع ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ شيخ جامعه الازهر سان رابطو ڪنداسين، جڏهن ته وزيراعظم پنهنجي هم منصبن کي ان معاملي تي گڏيل لائحه عمل لاءِ خط لکندو ۽ عالمي سربراهن سان ان مسئلي تي ڳالهايو ويندو.

هن چيو ته فرانس سميت ٻيا اولهه ملڪ مسلمانن جي دل آزاري ڪري رهيا آهن، اظهار جي آزادي ڇا آهي؟ ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ ڇا اظهار جي آزادي آهي؟

سندس چوڻ هو ته يورپ ۽ آمريڪا جي مذهبي حلقن سان ان مسئلي تي ڳالهه ڪئي ويندي، جڏهن ته ويٽي ڪن ۾ پوپ کي به ٻڌايو ويندو ته اهڙن قدمن سان هم آهنگي سان نقصان پهچي رهيو آهي.

نورالحق قادري چيو ته وفاقي حڪومت سرڪاري سطح تي ميلاد جي محفل ڪرائي رهي آهي، نعت خواني، تقرير مقابلا، سيرت ڪانفرنس ۽ ٻيا پروگرام به جوڙيا ويا آهن..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.