اينوويٽ پاران صحافي سميع گوهر کي شيلڊ پيش

ڪراچي ( پ ر )عام لاڳاپن واري شعبي واري اداري اينو ويٽ جي طرفان گذريل ڏينهن منقعد ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ صحافي محمد سميع گوهر کي 45 سالن جي بهترين ڪارڪردگي  ۽ خدمت ڪرڻ تي شيلڊ ڏني وئي، جيڪا پيٽرن چيف حسيب خان پاران پيش ڪئي وئي. اينوويٽ جي ڊائريڪٽر  علي ناصر ۽ محمد علي جناح يونيورسٽي جي ڊين ايم ايس نعمان به ان موقعي تي خاص شرڪت ڪئي. سميع گوهر ملڪ جو ناليوارو صحافي آهي، جنهن 4 ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصو ملڪ جي عوام جي صحافت جي ذريعي خدمت ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.