خيرپور لطيف يونيورسٽي ۾ احساس اسڪالر شپ شروع، آخري تاريخ بعد درخواست وصول نه ٿيندي: فوڪل پرسن

خيرپور (ڊر ) پروفيسر ڊاڪٽر غلام عباس شر فوڪل پرسن اسٽوڊنٽ فنانشل ايڊ آفيس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق وزير اعظم پاڪستان جو احساس انڊرگريجويٽ اسڪالرشپ پروگرام 2020 شروع ٿي چڪو آهي. اهل ۽ دلچسپي رکندڙ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي آن لائن درخواستون https://ehsaas.gov.pk  تي جمع ڪرائي سگھن ٿا. آخري تاريخ گذرڻ بعد ڪا به درخواست وصول نه ڪئي ويندي.

قاضي احمد ٽائون ڪاميٽي ۾ اجلاس، ٽائون آفيسر ۽ ٻيا شريڪ

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد ۾ 12 ربيع لاول جي حوالي سان ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ ٽائون آفيسر فيصل حسن ڏاهري جي اڳواڻي ۾ اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ مختلف مقتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ٽائون آفيسر فيصل حسن ڏاھري ڳالھائيندي چيو ته ربيع الاول بابرڪت ۽ ڀلارو مھينو آھي12 ربيع الاول تي نڪرندڙ ريلين جي مک روٽن کي صاف سٿرو بڻايو ويندو

نئون دمبالو لڳ موٽر سائيڪل ۽ چنگچي ۾ ٽڪر، عديل ۽ ارسلان آرائين جون ٽنگو ٽٽي پيون

نئون دمبالو ( ن ع آ  ) نئون دمبالو ٻڍو قمبراڻي روڊ تي تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿي چنگچي رڪشا سان ٽڪرائيجي وئي،  جنهن ۾ ڳوٺ ايوب چيرمين جا رهواسي 18 ورهين جو  عديل 22 ورهين جو ارسلان آرائين جون ٽنگو ٽٽي ويون، جن کي زخمي حالت ۾ نئون دمبالو نجي اسپتال آندو ويو، اتان فسٽ ايڊ ڏيئي کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.

مدئجي ۽ ڀرپاسي ۾ عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ تياريون

مدئجي(ن ع آ ) ) مدئجي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ عيد ميلادالنبي صلعم جي سلسلي ۾ تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن،جڏهن ته هر طرف ميلادِ مصطفيٰ صلعم جي آمد جي سلسلي ۾ جلسن جلوسن ۽ ريلين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، آرائين ڳوٺ ۾ مڱريا برادري جي معزز جنيد احمد مڱريو پاران “مڱريا هائوس” تي ميلاد مصطفيٰ صلعم جي پرنور تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن ۾ علائقي جي مختلف برادرين جي معززن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي،جنهن دوران ميلادِ آمد مصطفيٰ جلسي ۾ شامل عاشقانِ رسول صلعم کي خطاب ڪندي ناليواري عالمِ دين علامه مفتي شفيق احمد قادري،مولانا حبيب احمد قادري ۽ ٻين خڀاب ڪندي چيوته ربيع الاول جي ڀلاري مهيني ۾ ٻنهي جهانن جي سردار آقا حضرت محمد صلعم جن جي آمد ٿي آهي .

جيڪا مسلمانن لاءِ وڏي سعادت آهي هنن چيوته انسانن کي گهرجي ته ٻنهي جهانن جي سردار جي ڏسيل راهه تي زندگي گذارڻ گهرجي .

جنگشاھي ۾ اسٽيج اداڪارن جي مان ۾ سماجي اڳواڻن طرفان آجياڻو

جنگشاھي( ن ع آ ) ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جي جابلو علائقي جنگشاھي جي رھواسي مشھور مزاحيہ اسٽيج آرٽس ڪلب جنگشاھي جي صدر راڻا محمد اقبال ۽ ان جي ٽيم کي جنگشاھي جي سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين طرفان جنگشاھي پريس ڪلب ۾ ھڪ تقريب منعقد ڪري اداڪارن جي ھمٿ افزائي ڪئي ويئي، جنھن ۾ جنگشاھي جي سماجي اڳواڻن  عبدالقادر شيخ، ظهير احمد پليجو ۽ ٻين  سماجي اڳواڻن، شھرين، صحافين شرڪت ڪري فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ڪوھستاني پٽي جنگشاھي ۾ فن جو ٽيلنٽ موجود آھي،

ھن ڏکئي دور ۾ اداڪارن پنھنجا ڏک لڪائي عوام کي خوش رکڻ لاء پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري انھن کي خوشيون ارپين ٿا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.