ٺل ۾ 5 مقتولن جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ڌار ڌار احتجاج

ٺل(ن ع آ ) ) نوناري برادري ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران بجلي جي تار لڳائڻ تان ٿيل جهيڙي ۾ قتل ٿيل ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر  سعيد احمد ڀٽي جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪالهه ٽئين ڏينهن به وارثن ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويوٻئي طرف قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي،ڪالهه 474هين ڏينهن به جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ، ٺل ڀرسان ڳڙهي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي محمد يوسف کوسو ۾ 69 ڏينهن اڳ ڳوٺاڻي محمد ابراهيم ٽالپر کي مبينا قتل ڪرڻ لاش اڇلائڻ جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽالپر برادري پاران 29هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ست سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ به احتجاجي مظاهرو ڪوي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.