12 ربيع الاول تي سڄي ملڪ ۾ موڪل جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 12 ربيع الاول تي سڄي ملڪ ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هر سال جيان هن سال به پاڻ سڳورن صه جن جي ولادت جو ڏهاڙو 12 ربيع الاول مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو.

12 ربيع الاول جي مناسب سان عبادتگاهن، گهٽين، چوڪن ۽ سرڪاري توڙي نجي عمارتن کي سينگارڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ پاڻ سڳورن صه جي ولادت باسعادت ۽ سندن زندگي جي روشني وجهڻ لاءِ محفلن جو پڻ اهتمام ڪيو پيو وڃي.

سنڌ حڪومت 12 ربيع الاول جي موقعي تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ان ئي ڪري ڇڏيو هو، هاڻ وفاقي حڪومت پڻ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 30 آڪٽوبر 2020 تي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.