سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 10 هزار 788 ٿي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 10 هزار 788 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 707 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. سڄي ملڪ ۾ ايڪٽيو ڪيسن جو انگ 10 هزار 788 آهي جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيس 3 لک 28 هزار 602 ۽ فوتين جو گڏيل انگ 6 هزار 739 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب صحتياب ٿيلن جو انگ 3 لک 11 هزار 705 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 26 هزار 492 ٽيسٽون ڪيون ويون، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 43 هزار 836، پنجاب ۾ 1 لک 2 هزار 875 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 39 هزار 403، اسلام آباد ۾ 19 هزار 102 ۽ بلوچستان ۾ 15 هزار 810، آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 846 ۽ گلگت ۾ 4180 انگ ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.