ڳڙهي خيرو: ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جن تي وفاق جو حق ناهي: نثار کهڙو

پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن جن تي وفاق کي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين

پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو ڳڙھي خيري ۾ اڳوڻي ايم پي اي مير غلام محمد شھلياڻي جي گھر واري جي وفات تي مير عامر خان شھلياڻي، علي نواز خان شھلياڻي ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي .

ان موقعي تي نثار کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ آءِ جي کي يرغمال بڻايو ويو هن چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ انهن تي قبضو ڪرڻ وفاق کي نه ڏينداسين … ايس او ٽي

نثار کهڙي جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاق سنڌ جا 66 ارب روڪيون ويٺو اگر اهي ملن ته سنڌ جي يوسين ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا … ايس او ٽي

ان موقعي تي نثار کهڙي سان ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي، اسلم شيخ، مير لياقت لاشاري پڻ گڏ هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.