عمران خان گلگت بلتستان کي صوبي جو لالي پاپ ڏنو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊون ويجهو ايندي ئي عمران خان گلگت بلتستان جي صوبي کي لالي پاپ ڏنو آهي.

اسڪردو ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان کي انقلابي منصوبا گهرجن جيڪي روزگار ڏين ۽ ماڻهن جي مدد ڪن ۽ اِهو ڪم رڳو پيپلز پارٽي ڪري ٿي سگهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر صوبي ۾ تعليم تي زور ڏنو آهي ۽ ڪيترائي تعليمي ادارا بيٺل آهن، پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ 7 سال ۽ پنجاب ۾ 2 سال لڳايا آهن پر هڪ به نئين يونيورسٽي يا اسپتال قائم ناهي ڪئي.

هن چيو ته عمران خان جي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي سندس حق نه ڏنو وڃي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته هن جي 2018ع جي منشور ۾ توهان جي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي هئي پر جڏهن چونڊون ويجهو آيون ته هنن توهان کي لالي پاپ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته هو توهان کي صوبو ڏيندا.

هن چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ لکين نوجوان بيروزگار آهن، هنن گهرن جو واعدو ڪيو هو ۽ اڄ حددخلين جي نالي تي ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي عمران خان کان بچائڻو آهي نه ته توهان جو مستقل به اهو ئي هوندو جيڪو اڄ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن جو آهي.

ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري اسڪردو ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي لاءِ هي چونڊ مهم ناهي، هي توهان جي حقن جي جدوجهد آهي، جيڪي حق پيپلز پارٽي باقي پاڪستان کي ڏياريا آهن اُهي ئي پاڪستان کي به ڏيارينداسين جنهن سان هنن جا مسئلا حل ٿي سگهن.

سندس چوڻ هو ته اسان اُهو منشور کڻي آيا آهيون جيڪو توهان جو آواز اسلام آباد تائين پهچائيندو.

هن چيو ته جيستائين توهان جا نمائندا توهان جي ڳالهه اسلام آباد ۾ نٿا ڪن ته توهان پڇندا رهو ته هتي تعليم ۽ صحت جا ادارا ڇو ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.