ممتاز قادري ڪيس ”سلمان تاثير قتل ڪيس“جو جائزو

تحرير | مختيار راھو

پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي سندس محافظ ملڪ محمد ممتاز قادري قتل ڪيو جڏھن ته ان جرم ۾ ممتاز قادري کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ٽرائل ڪورٽ طرفان ٻڌايل ڦاھي جي سزا کي برقرار رکيو ۽ کيس ڦاھي ڏني وئي.

ھن ڪيس جو سپريم ڪورٽ طرفان ٻڌايل فيصلو پاڪستان جي رپوٽڊ عدالتي فيصلن  لاء منظور ڪيل جرنل پي ايل ڊي ۾ شايع ٿيل آھي.

ھن رپورٽ ٿيل فيصلي جو نمبر:  PLD 2016 SUPREME COURT 17 آھي.

ھن ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن آصف سعيد خان کوسہ، جسٽس مشير عالم ۽ جسٽس دوست محمد خان ڏنو ھو.

جڏھن ته ھي ملڪ محمد ممتاز قادري طرفان پنھنجي سزا خلاف ۽ فريادي ڌر طرفان سزا لاء فوجداري اپيل ھئي جنھن جو نمبر 210 ۽ 211 سال 2015 ھئي.

ھن مضمون ۾ ان رپورٽ ٿيل ڪيس جو مختصر احوال ان ئي جرنل مان ڏجي ٿو.

ڪيس جو پسمنظر

تاريخ  4 جنوري سال 2011 تي شام جو 4:15 بجي پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي سندس محافظ ايليٽ فورس جي جوان ملڪ محمد ممتاز قادري پنهنجي سرڪاري مليل ھٿيار سان گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. ھي واقعو اسلام آباد جي ڪوهسار مارڪيٽ وٽ پيش آيو. واقعي بعد ملڪ محمد ممتاز قادري پاڻ کي  آلہ قتل واري ھٿيار سميت اتي موجود ٻين محافظن جي حوالي ڪري ڇڏيو.

سلمان تاثير جي پٽ شھريار تاثير اھڙي واقعي جي ايف آئي آر نمبر 06  ڪوهسار اسلام آباد پوليس ٿاڻي ته داخل ڪرائي.

ڪيس جو چالان ۽ ٽرائل ڪورٽ

پوليس جي جانچ بعد اينٽي ٽيررزم ڪورٽ نمبر 2 راولپنڊي -اسلام آباد ۾ چالان پيش ڪيو ويو. جنھن ۾ نيت سان قتل جو سيڪشن 302 پي پي سي ۽ 109 پي پي سي ء اينٽي ٽيررزم ايڪٽ جو سيڪشن 7 (a) شامل ھو.

عدالت سڳوري جي سامھون چارج شيٽ جي بيان تي ملڪ محمد ممتاز قادري چيو ته ھن سلمان تاثير کي قرآن ۽ سنت جي حڪمن جي برخلاف قتل نه ڪيو آھي.

اھڙي طرح ھن ڪيس جي ٻڌڻيون شروع ٿي ويون.

ٽرائل ڪورٽ ۾ فريادي ڌر چوڏھن شاھد پيش ڪيا ان سان گڏوگڏ  واقعي ۾ استعمال ٿيل ھٿيارن جي فارنزڪ رپوٽ ۽ ميڊيڪل ثبوت به پيش ڪيا ويا.

ٽرائل ڪورٽ ۾ ممتاز قادري پنهنجي بچاءَ جو بيان ڏنو پر ھن اھو بيان قسم تي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنھنجي بچاءُ ۾ ڪي ٻيا شاھد پڻ پيش نه ڪيا. پنھنجي بچاءُ جي بيان تي جڏھن ڪورٽ کانئس پڇيو  ته ھن کي ھن قتل جي ڪيس ۾ ملوث ڇو ڏيکاريو ويو آھي ۽ فريادي ڌر جي شاھدن اوھان خلاف شاھدي ڇو ڏني آھي.

ممتاز قادري ان جي جواب ۾ چيو ته سلمان تاثير ظاھر ظھور آسيه جي حمايت ڪئي ھئي ۽ ھن 23 ڊسمبر 2010 تي ھڪ ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ توھين جي قانون کي ڪارو قانون قرار ڏنو ھو ۽ ممتاز قادري چيو ته سلمان تاثير جو ان قانون تي تنقيد ڪرڻ  ۽ اھڙي طرح ڳالھ ڪرڻ ڄڻ اھو قانون ماڻھن جو ٺھيل قانون آھي، سلمان تاثير جي ھي ڳالھ پنھنجي پاڻ منجھ سڌي سئين نبي صلي الله وسلم جي توھين آھي. ھي قانون قرآن ۽ سنت جو قانون آھي. ممتاز قادري سلمان تاثير جي اھڙي اخباري بيانن جو ڪاپيون بہ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون.

ممتاز قادري چيو واقعي واري ڏينهن به ھن منھنجي منع ڪرڻ باوجود ان قانون کي ڪارو قانون سڏيو ۽ چيو ته اھو گند آھي.

اھڙي عمل بعد سلمان تاثير شاتم رسول ۽ مرتد بڻجي ويو ھو،

 مان بحيث مسلمان پنھنجي مٿان ڪنٽرول نه رکي سگهيس اچانڪ غصي ۽ طيش ۾ اچي کيس قتل ڪيم، اھو عمل مون تحفظ ناموس رسالت ۾ ڪيو آھي.

فوتي سلمان تاثير مون کي اچانڪ چڙ ڏياريندڙ ڳالھ ڪئي ھئي.

ٽرائل ڪورٽ 01-10-2011 تاريخ تي پنهنجي فيصلي ۾ ممتاز قادري کي موت جي سزا ٻڌائي ۽ دھشتگردي جي عمل تي پڻ کيس سزا موت ٻڌائي ڇڏي. ٽوٽل ٻہ لک روپيه ڏنڊ ادا ڪرڻ جو فيصلو به ڏنو.

 ھاء ڪورٽ اپيل

ممتاز قادري ھن ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کي ھاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. ھاء ڪورٽ ان اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي ممتاز قادري جي قتل واري ڏوھ جي سزاءِ موت برقرار رکي جڏھن ته دھشتگردي واري ڏوھ جي سزا منسوخ ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ اپيلون

سپريم ڪورٽ ۾ ممتاز قادري ھاء ڪورٽ جي قتل واري ڏوھ ۾ مليل موت جي سزا خلاف اپيل داخل ڪئي جڏھن ته فريادي ڌر طرفان ممتاز قادري کي دھشتگردي واري ڏوھ ۾ بريت خلاف اپيل داخل ڪئي.

سپريم ڪورٽ طرفان ٻنھي اپيلن کي گڏائي ٻڌو ويو.

سپريم ڪورٽ اپيل جي فيصلي جا بنيادي سوال

 جڏھن ممتاز قادري سپريم ڪورٽ  ۾ پنھنجي بچاءُ ۾ اپيل داخل ڪئي ان اپيل کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ لاء ھيٺان پنج بنيادي سوال طئه ڪيا ويا جن تي قانوني ۽ واقعاتي بحث ڪيو ويو ھو. جيڪي ھي آھن.

  1. فوتي ڇا ڪا اھڙي ڳالھ چئي ھئي جيڪا پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 295C يعني توھين جي ذمري تي پورو لھندي ھجي يعني فوتي سڌي ريت نبي صلي الله وسلم جي شان ۾ توھين ڪئي ھجي؟

ھن سوال جي جواب ۾ ممتاز قادري ۽ سندس وڪيل طرفان ڪورٽ ۾ پيش ڪيل اخباري ثبوتن ۽ مواد کي توھين رسالت جي زمري سلمان تاثير خلاف اڻ ڪافي قرار ڏنو ويو. اھو ۽ ڪورٽ اھو قبول ڪيو ته فوتي نبي صلي الله عليه وسلم جي خلاف سڌي يا اڻ سڌي طرح ھڪ لفظ به نه ڳالھايو ھو.

  1. ڇا ممتاز قادري کي اھو گمان موجود ھو ته فوتي توھين ڪئي آھي پوء ڇا قانوني چاره جوئي کان سواءِ ان جي جان وٺي سگھي ٿو ؟

ان سوال جي جواب ۾ اھو ڪورٽ اھو طئي ڪيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 9 تحت ھر شھري کي ملڪ ۾ جان ۽ مال جو تحفظ جو بنيادي حق حاصل آهي. بغير ڪنھن قانوني چاره جوئي جي کيس  زندگي کان ۽ اھڙي حق کان محروم نه ڪيو ويندو.

  1. جيڪڏھن ممتاز قادري کي اھو يقين ھو ته فوتي توھين ڪئي آھي ۽ اھڙي طرح ڇا ممتاز قادري اھڙو قتل مذھبي جذبي ھيٺ ڪري سگھي ٿو ؟ جڏھن ته فوتي سندس حفاظت ۾ ڏنل ھو.

ان جي جواب ۾ ڪورٽ اھو طئي ڪيو ته ھڪ محافظ ۽ پوليس آفيسر پنهنجي حفاظت ۾ ڏنل ڪنھن شخص کي ڪنھن مذھبي جذبي تحت پڻ قتل نه ٿو ڪري سگهي.

  1. ممتاز قادري جڏھن ٽرائل ڪورٽ ۾ مختلف وقتن تي فوتي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندو رھيو ته ڇا ڪورٽ ان کي سڌي ريت بغير ڪنھن دير جي اھڙي اعتراف تحت سزا ٻڌائي سگھي پئي. ان سوال جي جواب ۾ ڪورٽ اھو طئه ڪيو ته ممتاز قادري بنيادي طور تي سڌو سنئون قتل جو اعتراف نه پئي ڪيو پر ھن ان جي جواز طور تي ڪجھ ڳالھيون رکيون پئي.
  2. ڇا ڪو اھڙو عذر موجود آھي جنھن ھيٺ ملزم ممتاز قادري جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري سگھجي ؟. جڏھن ته ممتاز قادري ان جي لاء ھتي عذر مذھبي جذبي ھيٺ قتل ڄاڻايو ھو ۽ دليل ڏنو ته ھن جي فوتي سان ڪا به ذاتي دشمني نه ھئي. جڏھن ته ان سوال جي جواب ۾ ڪورٽ لکيو ته ڪيس جي رڪارڊ تي اھا ڳالھ موجود آھي ته ممتاز قادري ڪيترين ئي مذھبي ماڻھن جون تقريرون ٻڌيون ۽ انھن جي چرت، چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ اھڙي ترغيب تحت اھڙو قتل ڪيو ھو. جنھن جو اعتراف ھو خود پنھجي مئجسٽريٽ جي سامهون ڏنل اعترفي بيان ۾ ڪري چڪو آھي. تنھن جي ڪري اھو دليل قابل قبول ناھي ته ھن ھي قتل پنھنجي ذاتي مرضي ۽ مذھبي جذبي ھيٺ ڪيو آھي.

ڪيس کي اڪلائندڙ ٻه فيصلائتا  سوال

ھر فوجداري ڪيس ۾ بنيادي نقطن، ثبوتن ۽ بحث کي واضع ڪرڻ لاء  ملندڙ جلندڙ ھي ٻه سوال بنيادي ۽ فيصلائتا ھوندا آھن.

جيڪي سوال ھن ڪيس ۾ بہ بحث ھيٺ آيا.

  1. ڇا ھن مقدمي کي منھن ڏيندڙ ملزم ئي فوتي جو قتل ڪيو آھي ؟
  1. جيڪڏھن ھا ته ڇا ملزم جي سزا کان بچاءُ ۾ ھن قتل بابت ڪو اھڙو ڪو واقعاتي يا قانوني جواز موجود آھي ؟

پھرين سوال تي گھڻو معاملو نه ھو جو اھو سوال اڻ سڌي ريت اعتراف جي زمري ۾ آيو ٿي ۽ ان قتل بابت ملزم خلاف پختا ثبوت ۽ شاھديون موجود ھيون ته ملزم ممتاز قادري ئي اھڙو قتل ڪيو آھي.

باقي ٻئين سوال جي جواب کي

ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي بحث ھيٺ آندو ويو آھي.

ھڪ تہ ان قتل جي واقعاتي عذر يا جواز ۽ ٻيو قانوني عذر يا جواز کي بحث ھيٺ آندو ويو.

ممتاز قادري جي وڪيل ان واقعاتي جواز جي دليل ۾ ٻہ واقعا رکيا ھڪ ته سلمان تاثير توھين رسالت جي ڪيس ۾ سزا آيل عورت آسيه سان مليو ۽ ٽي وي تي بيان جاري ڪيائين جنھن ۾ ان جي حمايت ڪيائين ۽ توھين جي قانون کي ڪارو قانون قرار ڏنائين ۽ چيائين ته ھي قانون ضياء الحق جي دؤر ۾ ٺاھيو ويو ھو. ان بيان جي ثبوت طور اخبارون ۾ شايع ٿيل بيان پيش ڪيا ويا اھو سلمان تاثير جو عمل توھين جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو عذر ھي ته  قتل کان ڪجھه گھڙيون اڳ سلمان تاثير ممتاز قادري جي منع ڪرڻ باوجود ممتاز قادري کي مخاطب ٿي توھين جي قانون کي ڪارو قانون ۽ گند سڏيو. جنھن تي ممتاز قادري کيس اچانڪ طيش چڙ ۽ صدمي ۾ اچي مذھبي جذبي ھيٺ سلمان تاثير جو قتل ڪيو آھي.

ھن ٻنھي واقعاتي جواز يا عذر جي ثابتي جو بار ملزم جي مٿان ھو.

ھڪ عذر يعني انٽرويو واري  واقعي ۾ اچانڪ چڙ ڏيارڻ واري نقطي کي ڪورٽ انڪري رد ڪيو جو اھو پراڻو ھو ۽ اھڙي انٽرويو جي ثبوتن ۽ گواھن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، نڪو اھڙي اخباري خبرن کي ثبوت طور پيش ڪري سگهجي پيو.

ٻيو ته سلمان تاثير جي ان ڳالھ ٻولھ جو سڌي ريت اکين ڏٺو شاهد نه ھو،   ان وقت تائين آسيه جو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو.

ان واقعي جي اندر موجود ٻئي نقطي تي ڪورٽ اھو لکيو ته ان انٽرويو ۾ فوتي سلمان تاثير نبي صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ سڌي يا اڻسڌي ريت گستاخي جو ھڪ لفظ به نه چيو آھي.

ٻي واقعي يعني قتل کان ڪجھ گھڙيون اڳ سلمان تاثير جي ممتاز قادري سان چڙ ڏياريندڙ گفتگو کي ممتاز قادري ثابت نه ڪري سگهيو. ان جي ناقص نقطو اھو پڻ ھو جو ممتاز قادري تفتيش وقت اھڙو ڪو به بيان نه ڏنو ھو. نڪو اھڙي ڳالھ ٻولھ کي ثابت ڪرڻ لاء ممتاز قادري ڪورٽ ۾.ڪو گواھ ئي پيش ڪري سگھيو ھو.

ممتاز قادري جي وڪيل قانوني جواز بابت پنھنجي دليلن ۾ اھو نقطو کنيو ته اسلام ۾ مرتد جي سزا موت آھي جنھن جي ثابتي ۾ ھن کوڙ سارا ڪتاب ۽ مواد پيش ڪيو.  پر سپريم ڪورٽ ان جي دليلن کي ڏسندي اھو پنھنجي ٻڌڻي جي حدن کي ڏسندي ان نقطي کي قبول نه ڪيو ۽ چيو ته قانون ۽ اسلام جي ماخذن جي قانوني تشريح جو ڪم وفاقي شرعي ڪورٽ جو آھي. نڪو ھي عدالت ھر شھري کي پاڻ ئي ماوراء عدالت قتل جي اجازت ڏئي سگھي ٿي.

جڏھن ته ان دليل ۾ به ھڪ نقص موجود ھو ته جيڪڏھن اھو قبول به ڪجي ته مرتد جي سزا موت آھي ته خود ھن ڪيس ۾ فوتي جي قتل لاء توھين جون اھڙيون پڪيون ثابتيون موجود ئي ناھن جو ھو توھين جو مرتڪب ٿيو ھو.

ممتاز قادري جي وڪيل دليل جاري رکندي پي پي سي يعني تعزيرات پاڪستان جي قانون جي ھڪ نقطي تي ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن سلمان تاثير ڪا توھين نه ڪئي آھي ته ممتاز قادري غلطي ۾ اھڙو يقين رکندي ته سلمان تاثير توھين ڪئي آھي کيس قتل ڪيو آھي تنھنڪري کيس ان قانوني نقطي تحت سزا نه ٿي ڏئي سگهجي.

 عدالت سڳوري ان دفاع جي نقطي کي رد ڪري ڇڏيو ان جي جواب ۾ ڪورٽ لکيو ته ان نقطي جي قبوليت لاء نيڪ نيتي يا اھڙي قانون جي موجودگي جنھن ۾ ڪنھن شخص کي اھڙي قتل جي اجازت ھجي ملڪ ۾ اڳ موجود ئي ناھي.

ممتاز قادري جي وڪيل پنھنجي دليلن ۾ چيو ته ان قانون کي ڪارو چوڻ ئي توھين جي ذمري ۾ اچي ٿو. اھڙو عمل خود توھين رسالت آھي.

ڪورٽ سڳوري ان نقطي کي به رد ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ڪورٽ جو چوڻ ھو ته فاضل وڪيل جي ھي پنھجي  طرفان قانون جي اھڙي تشريح آھي جيڪا خود توھين جي قانون کي واڌارو ڏئي ڇڏي ٿي ۽ ان قانون جي دائري ۾ توسيع جو سبب بڻجي ٿي جنھن توسيع جي ملڪي قانون ۾ اھڙي گنجائش موجود ئي ناھي. ٻي طرف دفاع جي وڪيل صاحب ان دليل جي سپورٽ ۾ محض ماڻھن جا لکيل ڪتاب پيش ڪيا آھن ھن ڪنھن بہ مقدس ڪتاب مان ڪو حوالو نه ڏنو آھي. ملڪ ۾ قانونسازي ۽ ملڪي قانون جي بھتري، ان جي غلط استعمال کان بچاء لاء تنقيد ۽ بحث مباحثو ڪنھن بہ ريت توھين جي زمري ۾ نه ٿو اچي.

. عدالت لکيو ته ھن ڪيس ۾ سلمان تاثير جي قتل بابت ممتاز قادري جي خلاف پڪيون ثابتيون موجود آهن ته ممتاز قادري ئي ھي قتل ڪيو آھي ۽ ھن قتل سان گڏ ھن عام ماڻھن ۾ اھڙي عمل ۽ سلمان تاثير جي قتل ذريعي اھو پيغام پڻ ڏنو آھي جنھن سان ماڻھن ۾ خوف پکڙيو آھي.

انڪري ملڪ محمد ممتاز قادري جو ھي فعل دھشتگردي جو زمري ۾ اچي ٿو.

اھڙي طرح سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اينٽي ٽيررزم ڪورٽ راولپنڊي اسلام آباد جي ٽرائل ڪورٽ جي طرفان ملڪ محمد ممتاز قادري کي ٻنھي ڏوھن ۾ يعني قتل ۽ دھشتگردي جي ڏوھ واري موت جي سزا کي برقرار رکيو ھو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.