لاهور: پوليس مقابلي دوران فائرنگ ۾ شاگردياڻي فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) اقبال ٽائون ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شاگردياڻي فوت ٿي وئي.

لاهور جي علائقي اقبال ٽائون ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گولي لڳڻ سبب فاطمه نالي شاگردياڻي فوت ٿي وئي. پوليس ٽن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته شاگردياڻي فاطمه جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ۽ رپورٽ اچڻ تائين مقرر ڪيو ويندو ته فاطمه کي ڪنهن جي گولي لڳي.

آءِ جي پنجاب انعام غني پنجاب يونيورسٽي ڀرسان پوليس مقابلي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور کي واقعي جي جاچ پنهنجي نگراني ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جاچ رپورٽ جلد کان جلد موڪلي وڃي.

ڊولفن فورس جي ترجمان موجب ٽئي هٿيار ڌاڙيل سمن آباد پارڪ ۾ هڪ ٻئي پٺيان وارداتون ڪيون ۽ فرار ٿي ويا، ون فائيو جي ڪال تي ڊولفن اسڪواڊ پي آر يو سندن پيڇو ڪري رهيو ته پنجاب يونيورسٽي جي ڀرسان هنن پوليس ٽيم تي فائرنگ ڪئي، انداڌنڌ فائرنگ ۾ فاطمه نالي ناري ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار به پوليس مقابلي دوران ناري جي فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.