اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪلڀوشن بابت بل منظور ڪري ورتو، اپوزيشن جي مخالفت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو.

قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين رياض فتيانا جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ اهم بل پيش ڪيا ويا.

اجلاس ۾ حڪومت ڪلڀوشن آرڊيننس کي بل جي صورت ۾ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو.

قانون واري وزير فروغ نسيم چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ڪلڀوشن کي قونصلر پهچ ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ڪلڀوشن گرفتار ٿيو ۽ ڦاهي جي سزا ٿي ته حڪومت ن ليگ هئي ۽ ن ليگ ڪلڀوشن کي قونصلر پهچ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت سزا تي نظرثاني لاءِ مڪينزم ٺاهڻ جي هدايت به ڪئي، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل لاءِ آرڊيننس آندو ويو، ڀارت چاهيو ته پاڪستان قانون سازي نه ڪري ۽ معاملو ٻيهر عالمي عدالت ۾ وڃي.

سندس چوڻ هو ته آرڊيننس پڙهڻ بنا چيو پيو وڃي ته ڪلڀوشن جي سزا معاف ڪئي وئي، ڪلڀوشن جي معاملي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، آرڊيننس نه آڻيون ها ته پاڪستان تي توهين عدالت جي ڏوهه ۾ پابنديون لڳي پئي سگهيون.

پوءِ اسٽيڊنگ ڪميٽي اڪثريتي راءِ سان ڪلڀوشن بابت بل منظور ڪري ورتو، جڏهن ته اپوزيشن جماعتن ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ بل جي مخالفت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.